سنڌ ۾ 5 رنگي زراعت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڪنڊيارو لڳ زراعت ۽ پبلڪ هيلٿ اسٽيشن قائم

يونيورسٽيز جي وي سيز پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري ۽ پروفيسر ڊاڪٽر تهمينه مڱڻ افتتاح ڪيو

سنڌ ۾ 5 رنگي زراعت  کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڪنڊيارو لڳ زراعت ۽ پبلڪ هيلٿ اسٽيشن قائم

نوشهروفيروز (ڊر) سنڌ جي نامياري زرعي ماهر، ليکڪ ۽ تحقيقدان مصطفيٰ نانگراج جي تحقيقي محنتن جي نچوڙ ذريعي سنڌ ۾ 5 رنگي زراعت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڪنڊيارو لڳ ڳوٺ سعيدو باغ ۾ پنج رنگي زراعت ۽ پبلڪ هيلٿ اسٽيشن قائم ڪئي وئي آھي، جنھن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري ۽ بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر تهمينه مڱڻ افتتاح ڪيو ۽ جديد زرعي ننڍن اوزارن جي استعمال کي هٿي ڏيارڻ لاءِ اسٽيشن تي تيار ڪيل چونگيون هڻڻ واري مشين ذريعي ڪڻڪ جي ويڪرن کرين تي 8 قطارن ۾ پوک جي پوکيءَ جو آغاز ڪيو، ساڳئي وقت ٻنهي شخصيتن مصطفيٰ نانگراج پاران 2016 کان 5 رنگي ميويدار وڻن بابت شروع ڪيل تحقيق جي سلسلي ۾ ان جا ٻوٽا ھڻي باقاعده افتتاح پڻ ڪيو، ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته موسمي تبديلين جتي زرعي پيداوار تي ناڪاري اثر وڌا آھن، اتي خوراڪ جي معيار ۽ ان جي غذائي توازن کي به بگاڙيو آھي، پر مصطفيٰ نانگراج جي پنج رنگي زراعت جي تصور ۽ ان تي تحقيقي جا تمام وڏا ھاڪاري نتيجا سامھون آيا آھن، هن چيو ته ھن تحقيق وسيلي پوکيءَ جي طريقي جي ڪاميابيءَ سان هن علائقي ۾ گهٽ پاڻيءَ ۽ خرچ تي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهبو،۽ ھي اسٽيشن وچولي سنڌ ۾ پنج رنگي زراعت کي ھٿي ڏيڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي، بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر تھمينه مڱڻ چيو ته اسٽيشن جي قيام سان ساھتي پرڳڻي ۾ موسمي تبديليءَ سان ٺھڪندڙ زراعت، پنج رنگي غذائيت بخش زراعت، نامياتي زراعت، نون فصلن ۽ جنسن کي متعارف ڪرائي سگھبا، جڏھن ته ويليوايڊيشن، ڪچن گارڊننگ، زرعي ڪاروبار ۽ پبلڪ هيلٿ سان ڳنڍيل تحقيق کي نجي شعبي ۾ شراڪتي تحقيق ذريعي ھٿي ڏني ويندي،ھن چيو ته هي اسٽيشن خانگي شعبي ۾ شراڪتي تحقيق، جديد زرعي طريقن ۽ ڪميونٽي بيسڊ توسيعي خدمتن جو هڪ شاندار مثال آهي، جنهن مان نه صرف آبادگار فائدو وٺندا پر سنڌ ۽ پاڪستان جي زراعت لاءِ نوان علمي، تحقيقي ، معاشي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا لاڙا پڻ متعارف ٿيندا، ان موقعي تي ناليواري زرعي ماھر مصطفيٰ نانگراج آيل مھمانن کي آگاھي ڏيندي ٻڌايو ته اسٽيشن جو بنيادي مقصد موسمياتي تبديليءَ سان مطابقت رکندڙ زراعت، پنج رنگي غذائيت بخش زراعت، نامياتي زراعت، نون فصلن ۽ جنسن کي متعارف ڪرائڻ، ويليو ايڊيشن، ڪچن گارڊننگ، زرعي ڪاروبار ۽ پبلڪ هيلٿ سان ڳنڍيل تحقيق کي نجي شعبي ۾ شراڪتي تحقيق ذريعي اڳتي وڌائڻ آهي. اسٽيشن جو هڪ اهم حصو اهو به آهي ته زرعي شعبي جي سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي ڳنڍڻ لاءِ هڪ جديد آئي سي ٽي بيسڊ نجي زرعي توسيعي پليٽفارم تشڪيل ڏنو پيو وڃي، جيڪو آبادگارن لاءِ ڊجيٽل صلاحڪاري خدمتن کي وڌيڪ موثر بڻائيندو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت اسٽيشن تي ڇيئا سيڊ، ڪنوا، ڪلونجي، اسپنگر، ڊريگن فروٽ، هاءِ ڊينسٽي گارڊننگ ۽ ٻين نون فصلن جي هن علائقي ۾ پهريون ڀيروآبهوائي مناسبت جانچڻ لاءِ جديد تحقيقي پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. انهن جا نتيجا ايندڙ سال عام ماڻهن ۽ آبادگارن لاءِ جاري ڪيا ويندا. ان سان گڏ هن علائقي جي اهم فصل ليمي تي پڻ مفصل تحقيق ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ ليمي مان ڪمرشل شيون تيار ڪرڻ به شامل آهي، جڏهن ته نرسري ريسرچ پروگرام به مڪمل طور سرگرم آهي. ان سان گڏ اهو به ٻڌايو ويو ته هن اسٽيشن تي شاگردن، آباگارن ، اين جي اوز جي نمائندن لاءِ تربيتي پروگرام جو پڻ آغاز ڪيو ويو آهي