سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ پاران لاڙڪاڻي جي مختلف ڪاليجن جو دورو

نديم الرحمان ميمڻ آرٽس اينڊ ڪامرس، ڊگري بوائز، نصرت گرلز ڊگري ڪاليجن جو دورو ڪري جاري ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو

سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ پاران لاڙڪاڻي جي مختلف ڪاليجن جو دورو

لاڙڪاڻو: سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ، آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو، ڊگري بوائز ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ نصرت گرلز ڊگري ڪاليج ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو دورو ڪيو. دوري دوران هن جاري منصوبن ۾ غير معياري ڪم ۽ غير ضروري دير تي سخت برھمي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هن قسم جي لاپرواهي تعليمي عمل کي متاثر ڪري رهي آهي. سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ڪجهه اسڪيمن کي فنڊن جي کوٽ آهي، جنهن لاءِ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ سان ملاقات ڪري ضروري فنڊ مختص ڪرايا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته 2022 جي برساتن دوران متاثر ٿيل ڪاليجن جي مرمتي فنڊ کي به صحيح نموني استعمال نه ڪيو ويو، جيڪو افسوسناڪ آهي.دوري دوران سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن ڪاليجن جي عمارتن جي غير معياري ڪم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هن قسم جي ڪم سان سرڪاري خزاني کي نقصان پهچي ٿو، جيڪو ڪنهن به صورت قبول ناهي.سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ ڪاليجن ۾ جاري ڪلاسن جو به جائزو ورتو ۽ انتظاميه کي شاگردن جي حاضري يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو الطاف احمد ابڙو کي هدايت ڪئي ته ڪاليجن جي لائبريرين ۽ ڪمپيوٽر ليبز کي فعال ڪيو وڃي، شاگردن کي لائبريري مان ڪتاب جاري ڪيا وڃن ۽ پڙهيل ڪتابن بابت راءِ پڻ ورتي وڃي، جيئن پڙهڻ جو شوق ۽ عادت شاگردن ۾ وڌي.هن دوري دوران سيڪريٽري ڪاليجز، ليڪچررن جي ترقي ۽ ٻين انتظامي مسئلن بابت پڻ شڪايتون ٻڌيون ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون.دوري ۾ سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سان گڏ ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو الطاف احمد ابڙو، ڊائريڪٽر اطلاعات کاتو لاڙڪاڻو ارشاد علي چانڊيو، سپرينڊنٽ انجنيئر سيد مقصود شاهه، اسسٽنٽ انجنيئر احسن ڀٽي ۽ ڊپٽي سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن پڻ موجود هئا.