ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد لڳ غريب آباد ۾ رات دير سان گهرن کي باهه، ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ، شديد مالي نقصان، الهه تلهه سڙي رک، 3 ڪلاڪن کان لڳل باھ تي مسلسل ڪوششن بعد فائر برگيڊ عملي ضابطو آندو، باھ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، ٽائون چيئرمين واقعي واري هنڌ پهچي ويو، واقعي جي جاچ ۽ مالي مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري، خطرناڪ باھ اسان جي گهرن ۽ سامان کي مڪمل طور تباھ ڪري ڇڏيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، سيد غلام مصطفيٰ شاھ، عمر ملاح، عثمان خان جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : ملير جي علائقي رزاق آباد لڳ غريب آباد ۾ رات دير سان اوچتو گهرن کي باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب ڪيهاٽ پئجي ويا ڀرپاسي جي ماڻهن متاثرن کي فوري طور گهرن کان ٻاهر ڪڍيو جڏهن ته 3 گهرن سميت گودام ۾ پيل سمورو سامان ۽ گاڏيون سڙي رک ٿي ويون اطلاع تي فائر برگيڊ عملي مسلسل 3 ڪلاڪن تائين ڪوششون ڪري باھ تي ضابطو آندو ان موقعي تي متاثر سيد غلام مصطفيٰ شاھ، عمر ملاح، عثمان خان ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته رات دير اسان جي گهرن ۽ گودام کي خطرناڪ باھ لڳي آهي جنهن سبب اسان جو شديد مالي نقصان ٿيو آهي جڏهن ته گهر ۽ گودام مڪمل طور تباھ ٿي ويا آهن هنن وڌيڪ چيو ته اسان پورهيت آهيون روز ڪمايون ٿا ته اسان جو گذر ٿئي ٿو اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي مدد ڪن ۽ انصاف ڪري ڪيو وڃي ٻي طرف اطلاع ملندي ئي ابراهيم حيدري ٽائون جو چيئرمين نظير ڀٽو واقعي واري هنڌ پهچي متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ کيس شفاف جاچ ڪرائڻ ۽ هر ممڪن مالي مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي
0 تبصرے