سافڪو مائيڪرو فنانس جي ’سي اي او‘ ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو ۽ هيريٽيج فائونڊيشن جي ’سي اي او‘ ياسمين لاريءَ معاهدي تي باضابطا طور صحيحون ڪيون
حيدرآباد (بيورو) سافڪو مائيڪرو فنانس ڪمپني (پرائيويٽ) لميٽيڊ ۽ هيريٽيج فائونڊيشن ملڪي تاريخ جي ھڪ اھم مفاهمتي يادگاري معاھدي تي صحيحون ڪيون آهن، جنھن سان سڄي سنڌ ۾ غريب گهراڻن جي گڏيل سھڪار سان سندن ترقيءَ جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي سگهندي. سافڪو ھيڊ آفيس حيدرآباد پاران ڏنل تفصيلن مطابق غربت جي خاتمي، پائيدار معيشت، ۽ ماڻھن لاءِ موسمن کي منھن ڏيڻ واري حل لاءِ پرعزم ٻنھي ادارن ۾ ان معاھدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ڪراچي جي ھڪ مقامي ھوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي سافڪو مائيڪرو فنانس جي ’سي اي او‘ ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو ۽ هيريٽيج فائونڊيشن جي ’سي اي او‘ ياسمين لاريءَ معاهدي تي باضابطا طور صحيحون ڪيون. تقريب ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ادارن جا هڪجهڙا مقصد آهن ته گڏيل سهڪار ذريعي، غريب خاندانن لاءِ مالياتي خدمتن تائين رسائي بهتر بڻائي وڃي، ٻهراڙين ۽ شهرن جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن ۾ ڪاروبارن ۽ ننڍن واپارن کي هٿي ڏياري وڃي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏئي سگھندڙ ۽ صحت صفائيءَ جي سھولتن وارن گھٽ لاڳتي رهائشي منصوبن لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي، گذر سفر جي جٽادار وسيلن کي مضبوط ڪري ڪمزور خاندانن کي بااختيار بنايو وڃي ۽ سنڌ ۾ هيريٽيج فائونڊيشن جي ڪم وارن علائقن ۾ ماڻهن کي پيرن تي بيهاريو ۽ مضبوط ڪيو وڃي. ان موقعي تي سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني جي سِي اِي او ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو اميد ظاھر ڪئي ته ھن شراڪتداريءَ جو سنڌ جي غريب گهراڻن کي وڏو فائدو پھچندو، جيڪو اسان جو اصل مقصد آھي. اسان ھيريٽيج فائونڊيشن سان گڏجي ٻھراڙين ۽ شھرن جي آس پاس وارن علائقن ۾ ماڻھن کي ڄاڻ، ڪاروباري تربيت، مالي سھولتن جي فراھميءَ سان گذر سفر وارن وسيلن کي ترقيءَ کي وڌائينداسين ته جيئن اھي ماڻھو ترقيءَ جي ڌارا ۾ شامل ٿي سگهن. معاھدي تي صحيحون ڪرڻ واري موقعي تي ايس ايم سي ايل مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه ان شراڪتداريءَ بابت پنھنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هي معاهدو گهٽ آمدنيءَ وارن خاندانن جي سماجي ڏکيائين کي گھٽائڻ ۽ انهن لاءِ آمدني پيدا ڪرڻ جا موقعا وڌائڻ واري سافڪو جي مقصد سان مطابقت رکي ٿو، جنهن ۾ خدمت جو عنصر نمايان آهي. جڏهن ته سي اي او ھيريٽيج فائونڊيشن ياسمين لاريءَ جو چوڻ هو ته ھن معاھدي سان ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ، روزگار جي وسيلن ۽ ترقي لاءِ هيريٽيج فائونڊيشن جي عزم مطابق ماحول دوست سرگرمين کي وڌيڪ هٿ ملندي. ان موقعي تي مالياتي شعبي ۾ ملڪ جو معروف اڳواڻ زبير سومرو پڻ موجود هو.
0 تبصرے