کپرو: صوبائي محتسب اعليٰ جي کُلي ڪچهر, بيلي کاتي، يوسيز، ايجوڪيشن ۽ ٻين کاتن خلاف شڪايتن جا ڍير

ريجنل ڊائريڪٽر غلام شبير ميمن پاران کپرو جي پدم گير ھال ۾ هڪ روزه کُلي ڪچهري منعقد

کپرو: صوبائي محتسب اعليٰ جي کُلي ڪچهر, بيلي کاتي، يوسيز، ايجوڪيشن ۽ ٻين کاتن خلاف شڪايتن جا ڍير

کپرو: صوبائي محتسب اعليٰ جي کُلي ڪچهري— بيلي کاتي، يوسيز، ايجوڪيشن ۽ ٻين کاتن خلاف شڪايتن جا انبار، پلي گرائونڊ ۽ قبرستانن جي چار ديواري بابت به آواز اٿاريو ويو کپرو صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر غلام شبير ميمن پاران کپرو جي پدم گير ھال ۾ هڪ روزه کُلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جيڪا بنا اڳواٽ ڄاڻ ڏيڻ سبب عوامي شرڪت کان محروم رهي. هال ۾ ڪرسيون وڏي تعداد ۾ سرڪاري ملازمن سان ڀريل هيون، جنهن تي محتسب اعليٰ صورتحال ڏسي سنجيده قدم کڻڻ جو عنديو ڏنو. کُلي ڪچهري ۾ مختلف کاتن خلاف شڪايتن جا انبار لڳي ويا. اڳوڻي چيئرمين واپڊا راجا شوڪت پاران هاءِ اسڪول گرائونڊ، شهر جي پلي گرائونڊ جي غير موجودگي ۽ قبرستانن جي چار ديواري بابت سخت تشويش جو اظهار ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڀيل برادري جي وفد پاران ڳوٺ مئو تي مبينا قبضو جو مسئلو اجاگر ڪيو ويو. محڪمه جنگلات جي فاريسٽ آفيسر ۽ ملازمن خلاف سڀ کان وڌيڪ شڪايتون داخل ٿيون، جڏهن ته شهر ۾ ناجائز تجاوزات ۽ گاڏين ۾ لڳل سرچ لائيٽن بابت به درخواستون ڏنيون ويون. ريجنل ڊائريڪٽر غلام شبير ميمن سڀني شڪايتن جو نوٽيس وٺندي موقع تي لاڳاپيل کاتن کي فوري ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي ڊي ايس پي کپرو، ايس ايڇ او کپرو، ميونسپل ڪميٽي جو سي ايم او، اسسٽنٽ ڪمشنر کپرو، مختيارڪار، تعلقا ايجوڪيشن آفيسر ميل ۽ في ميل، ڊاڪٽر شهريار قائم خاني سميت مختلف کاتن جا آفيسر موجود هئا.