آرٽس ڪائونسل کي اجڙيل حالت ۾ ڏٺو هو، اڄ سڄي دنيا ان جي مثال ڏئي ٿي، احمد شاهه جو نالو عالمي رڪارڊ ڪتاب ۾ ضرور وڃڻ گهرجي، صوبائي وزير سعيد غني

آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ فلمي نشست، فلم ڏيکاءُ، امن ۽ ٽڪرا جلد پنجين آرٽ نمائش جو افتتاح ۽ ٻه ٿيٽر پيش

آرٽس ڪائونسل کي اجڙيل حالت ۾ ڏٺو هو، اڄ سڄي دنيا ان جي مثال ڏئي ٿي، احمد شاهه جو نالو عالمي رڪارڊ ڪتاب ۾ ضرور وڃڻ گهرجي، صوبائي وزير سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي ميزباني ھيٺ جاري 39 ڏينهن واري عالمي ثقافتي ميلي 2025 جي 28هين ڏينهن فلمي نشست، فلم ڏيکاءُ، “امن ۽ ٽڪرا جلد پنجين آرٽ نمائش جو افتتاح ۽ ٻه ٿيٽر پلي پيش ڪيا ويا، جن ۾ گولي نه هڻ ۽ رسيد شامل هئا. ميلي جي 28 هين ڏينهن جو آغاز نيپال جي ناميور ليکڪ، ايڊيٽر، فلم ساز ۽ ڏکڻ ايشيا فلم اداري جي سربراهه ڪنڪ ماني ڊڪشٽ سان فلمي نشست سان ٿيو، جنهن جي نظامت ڊاڪٽر عمير احمد ڪئي۔ ڪنڪ ماني ڊڪشٽ ڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ ايشيا فلم فيسٽيول دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلمي ميلا منعقد ڪري ٿو، اسان کي پنهنجي سوچ ۽ ڏس کي وڌيڪ واضع ڪرڻو پوندو. پاڪستان ڏاڍو حسين ملڪ آهي، اسلام آباد ۽ ڍاڪا جهڙن شهرن تي دستاويزي فلمون ٺاهڻ گهرجن، ھن چيو ته شايد اسان وٽ بجيٽ گهٽ آهي. هن زور ڏنو ته ڪنهن به فلم جي ڪاميابيءَ لاءِ سينما گهرن جو ڪردار تمام اهم آهي. هن اها به واضع ڪئي ته نيپال فلم فيسٽيول ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو، ڇو ته آرٽس ڪائونسل هڪ وڏي ثقافتي مرڪز جي حيثيت رکي ٿي.فلم ڏيکاءَ ۾ بنگلاديش جي فلم نئون انسان ڏيکاري وئي، جيڪا هڪ اهڙي شخص جي زندگيءَ تي ٻڌل هئي، جيڪو پنهنجي مذهبي سڃاڻپ ۽ ذاتي خوشيءَ جي وچ ۾ الجهيل نظر اچي ٿو. انهيءَ ڏينهن احمد پرويز آرٽ گيلري ۾ بين الاقوامي آرٽ نمائش امن ۽ ٽڪرا جلد پنجين جو افتتاح صوبائي وزير سعيد غني آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه سان گڏ ڪيو۔ ان موقعي تي آئس لينڊ جا مصور هالڊور راگنارسن ۽ مڊغاسڪر جي مصوره مينڊرڪا به موجود هئا. تقريب ۾ بين الاقوامي فنڪارن جي فن پارن سان گڏ عديله سليمان، موئين فاروقي، قمر صديقي، عبدالجبار گل، غلام مصطفى، سلمان فاروقي، تنوير فاروقي، چترا پريتم، عمران سومرو، عبدالملڪ چنا، ساجد ٽالپور، عابد اسلم، عاقل سولنگي، محمد علي خان، ساجد علي، عظميٰ نور، انعم اشرف، رمشا رباني ۽ محمد اويس جا ڪمن پڻ شامل هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته احمد شاهه عام ماڻهو ناهي، اهڙي وڏي سطح جو ميلو مقرر ڪرڻ سولو ڪم ناهي۔ 142 ملڪن مان هزار کان وڌيڪ فنڪارن کي گڏ ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي. مون آرٽس ڪائونسل کي ڀڃ ڊاهه حالت ۾ ڏٺو هو، اڄ دنيا ان جي ساراهه ڪري ٿي۔ سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جهڙو ثقافتي مرڪز ڪونهي۔ هن چيو ته اهو عوام جو پئسو آهي، جيڪو عوام تي ئي خرچ ٿي رهيو آهي۔ هن اهو به چيو ته آرٽس ڪائونسل جو نالو عالمي رڪارڊ ڪتاب ۾ ضرور شامل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته احمد شاهه جهڙا ماڻهو صديون پوءِ پيدا ٿيندا آهن.آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه چيو ته عالمي ثقافتي ميلي ۾ مصور، موسيقار، اداڪار، گلوڪار ۽ مختلف شعبن جا فنڪار شامل آهن. دنيا ۾ ڪو به ميلو نه آهي جتي پنج شعبن جا ماهر گڏ شرڪت ڪن۔ سڀ کان وڏو هٿيار ثقافت آهي، بندوق وسيلي آيل انقلاب قائم نٿا رهن۔ هن چيو ته سڄي دنيا جا فنڪار تشدد جي خلاف ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهن.ڏکڻ آفريقا پاران ٿيٽر پلي ڳولي نه هڻ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ مصورن ۽ اداڪارن چار سياسي قيدين جي ڀڄ ڀڳ واري درد ڀري سفر کي پيش ڪيو. آخر ۾ يوگنڊا جو ٿيٽر پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ فنڪارن مذاحيه انداز ۾ تخليقي آزادي کسي وڃڻ خلاف جدوجهد کي پيش ڪيو.