English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ پوليو ايريڊيڪيشن ڪميٽي جو اجلاس
3 views
|
26th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت سنڌ جي اهم ترين ترجيحن مان آهي: ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ۾ ضلعي پوليو ايريڊيڪيشن ڪميٽي (DPEC) جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ قومي پوليو مخالف مهم (NID) ڊسمبر 2025 جي حوالي سان سمورين تيارين، حڪمتِ عملي ۽ فِيلڊ آپريشن پلان جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي نهڙي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجئہ ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊسٽرڪٽ مينيجر PPHI شرف الدين ميمڻ، ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر WHO ڊاڪٽر عالم آزاد، پوليو فوڪل پرسن وِجئہ ڪمار، EPI جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مِهر، ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب علي منڱريو، ايم ايس ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد هنگورجو، نيشنل پروگرام ڊاڪٽر مونِيڪا، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري عنايت الله ڪنڀر، ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول سيد خان محمد شاھ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ماجد منڱريو، چئني تعلقن جا ايم ايس سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت سنڌ جي اهم ترين ترجيحن مان آهي ۽ ڊسمبر 2025ع جي مهم کي هر قيمت تي 100 سيڪڙو ٽارگيٽس سان ڪامياب بڻايو وڃي۔ هن چيو تہ سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي گهرجي تہ مانيٽرنگ پلان موجب فِيلڊ ۾ لهندا ۽ ٽيمون جي ڪارڪردگيءَ جي سخت نگراني ڪندا، جڏهن تہ هاءِ رسڪ ۽ زيرو ڊوز وارن علائقن ۾ خاص ٽيمون تشڪيل ڏنيون وڃن۔ هن وڌيڪ چيو تہ ٽيمَن کي ويڪسين، ٽرانسپورٽ ۽ ضروري سهولتون هر صورت بروقت فراهم ڪيون وڃن۔ هن زور ڏنو تہ پنجن سالن کان گهٽ عمر جو ڪو بہ ٻار پوليو ويڪسين کان محروم نہ رهندو۔ ان موقعي تي پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وِجئہ ڪمار شروع ٿيندڙ پوليو مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو تہ ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ پوليو مهم 15 کان 19 ڊسمبر تائين جاري رهندي، جنهن دوران پنجن سالن تائين جي عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا قطرا پياريا ويندا۔ هن ٻڌايو تہ ڪُل ٽارگيٽ 284044 ٻارن تي مشتمل آهي، جن کي قطرا پيارڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن۔ آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ عزم ظاهر ڪيو تہ ضلعو عمرڪوٽ پوليو فري رکڻ لاءِ سمورا ادارا گڏجي پنهنجون ڪوششون جاري رکندا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Nov 2025
•
تازہ ترین
کارونجھر ہمارا خزانہ ہے، اسے نقصان پہنچنے نہیں دیں گے، وزیراعلیٰ سندھ کا دو ٹوک اعلان
26th Nov 2025
•
پاکستان
حکومت ثقافتی شعبے کو مضبوط بنانے اور خواتین کی قومی ترقی میں فعال شرکت کی حوصلہ افزائی کے لیے پرعزم ہے، وفاقی وزیر قومی ورثہ و ثقافت اورنگزیب خان کھچی کا تقریب سے خطاب
26th Nov 2025
•
پاکستان
کچھی میں سانحہ: گھر میں دھماکا، 2 بچوں سمیت 3 افراد زندگی کی بازی ہار گئے
26th Nov 2025
•
تازہ ترین
54 ہزار خالی اسامیاں ختم — قومی خزانے کو سالانہ 56 ارب کی بچت
26th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: ڌامراهه ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان قتل
26th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ھالاڻي ڀرسان گذريل ڏينهن گم ٿي ويل معصوم ٻارڙَي جو ڪيلي جي باغ مان لاش هٿ
26th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
غوثپور ويجهو سي آءِ اي ڪمشور جي انچارج جو پٽ ۽ معصوم پوٽو قتل
26th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ پنجاب جي دنگ وٽ ٻن ڄڻن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نويد الرحمان لاڙڪ
پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت
ڀڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جي صدارت
0 تبصرے