سجاول ۾ جميعت علماء اسلام طرفان عظيم الشان اجتماع منعقد ڪيو ويو
سجاول (رپورٽر) جميعت علماء اسلام ضلعي سجاول جي طرفان هڪ زبردست عظيم الشان تاريخ سازاجتماع کي جميعت علماء اسلام پاڪستان جي مرڪزي ڊجيٽل ميڊياڪوآرڊينيٽرانجنيئرضياء الرحمان ۽جميعت علماء اسلام سنڌجي جنرل سيڪريٽري علامه راشدمحمودسومرو۽جميعت علماء اسلام پنجاب جي جنرل سيڪريٽري حافظ نصيراحمداحرار خطاب ڪندي چيوته 78 سالن ۾ ملڪ ۾ اسلامي قانون نافذنه ٿي سگهيو ختم نبوت جي قانون سان کيڏيوپيووڃي اسلام۔ آبادڪراچي ۔حيدرآباد۔سکهرسميت سڄي ملڪ ۾ مسجدن ۽ديني ادارن سان مذاق ڪيوپيووڃي ۽انهن کي ڪيرائڻ جون سازشون ڪيون هي اسلامي ملڪ آهي مغرب ناهي اهڙاقانون جيڪي قرآن ۽سنت جي خلاف آهن اسين انهن کي ردڪريون ٿا عوام کي محلن جا خواب ڏيکارڻ وارا حڪمران استثنى وٺي رهيارهياآهن اهڙن حڪمرانن کي شرم نٿواچي ڪيئن حڪمران عوام کي لولي پوپ ڏئي رهياآهن تعليم کان سنڌ۾ اڃ به لکين ٻچا محروم آهن صحت جي ادارن ۾ ڪرپشن ئي ڪرپشن آهي روڊتباه آهن آبادگارن جي چيل ٽوڙي پئي وڃي منشيات عروج تي آهي عوام کي ميرٽ تي نوڪريون نٿيون ملن اسيمبلي ۾قانون پاس ڪيوويوآهي ته صدرپاڪستان جيتري ڪرپشن ڪري تاحيات ان تي ڪيس نه ٿيندو انهن سوال ڪيوته ڇاسنڌ۾ سڀئي سهولتون ملي چڪيون آهن سنڌجاجزيرا وسيلا معدنيات درياء سب کپاياپياوڃن ترقياتي اسڪيمن جي بجيٽ هڙپ ڪئي پئي وڃي اسيمبلين جي ڪااهميت نه آهي هاڻ اسيمبليون پهجي اهميت وڃائي چڪيون آهن هاڻي اصل طاقت عوام آهي جيڪاپهنجي حقن لائي ميدان ۾ اچي چڪي آهي اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ مدرسن مسجدن جي رجسٽريشن تي پابندي لڳائي وئي آهي ۔ان موقعي تي جلسي عام کي مفتي عبدالواحدقريشي مولانامحمدصالح الحداد حاجي عبدالمالڪ ٽالپر حاجي رفيق احمدسومرو مولانااسماعيل قاسمي مولاناعيساسمون حافظ فضل الله فياض مولاناغلام حسين ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو
0 تبصرے