بن قاسم پوليس پاران غيرقانوني ريتي بجري جي کوٽائي ۽ ترسيل ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار

گشت دوران سرتاج، محمد اڪرم، مظهر علي ۽ حاجي کي گرفتار ڪري 2 ڊمپر ۽ شاول تحويل ۾ ورتا ويا: پوليس

بن قاسم پوليس پاران غيرقانوني ريتي بجري جي کوٽائي ۽ ترسيل ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پوليس طرفان ريتي ۽ بجري جي غيرقانوني کوٽائي، چوري ۽ ترسيل خلاف سخت ڪَرَيڪ ڊائون جاري آهي۔ ان سلسلي ۾ بن قاسم پوليس گشت دوران ڪارروائي ڪندي بن قاسم ٿاڻي جي حدن مان 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب گرفتار جوابدار ريتي ۽ بجري غيرقانوني طريقي سان کوٽي مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث هئا۔ گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ سرتاج، محمد اڪرم، مظهر علي ۽ حاجي جي نالي سان ٿي آهي ڪارروائي دوران پوليس ٻه ريت سان ڀريل ڊمپر ۽ ٻه شاول به ضابطي ۾ وٺي ڇڏيا آهن۔ پوليس مطابق جوابدارن خلاف ڏوهه جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته ريتي ۽ بجري جي غيرقانوني کوٽائي ۽ ترسيل نه صرف ماحوليات لاءِ نقصانڪار عمل آهي، پر اهو هڪ سنجيده قانوني جرم پڻ آهي، جنهن ۾ ملوث عناصر خلاف بنا ڪنهن امتياز جي سخت ڪارروائي جاري رهندي۔