دي ناليج ڪو ڪريئيشن پروگرام (ڪي سي سي پي) ايگريڪلچر ايڪسٽينشن پلاننگ اينڊ مئنجمينٽ 2018 تحت فالو اپ ڪو آپريشن
اسلام آباد (م ڊ) جاپان انٽرنيشنل ڪو آپريشن ايجنسي (جائيڪا) پاڪستان دي ناليج ڪو ڪريئيشن پروگرام (ڪي سي سي پي) ايگريڪلچر ايڪسٽينشن پلاننگ اينڊ مئنجمينٽ 2018 تحت فالو اپ ڪوآپريشن جي سلسلي ۾ هارين جي لاءِ ٽن ڏينهن وارو تربيتي پروگرام جي ٻئي بيج جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي، هي تربيتي ورڪشاپ 24 کان 26 نومبر تائين نيشنل ايگريڪلچر ريسرچ ڪونسل (اين اي آر سي) اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، هي قدم سال 2025 جي دوران جائيڪا جي جاري ڪيپيسٽي بلڊنگ پروگرام جو حصو آهي، هلندڙ سال ۾ زرعي آفيسرن جي ڪ بيج جولائي ۾ تربيت مڪمل ڪئي جڏهن ته فيلڊ اسسٽنٽس جي ٻن بيجز آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ورڪشاپس ۾ شرڪت ڪري چڪا، ايندڙ مهينن ۾ فيلڊ اسسٽنٽس جي وڌيڪ ٻن بيجز جي تربيت به طئي شده آهي، موجوده بيج هن پروگرام تحت خصوصي تربيت حاصل ڪندڙ هارين جي ٻي گروپ ۾ مشتمل آهي. هاڻي تائين 100 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙ جن ۾ زرعي آفيسرن، فيلڊ اسسٽنٽس ۽ ضم ٿيل ضلعن سان تعلق رکندڙ هاري شامل آهن. جديد ٽيڪنيڪي علم ۽ عملي زرعي مهارتن مان فائدو حاصل ڪري چڪا آهن، هي پروگرام ڪي پي ۾ زرعي واڌ خدمتن جي تقويت ڏيڻ ۽ جديد پائيدار زرعي طريقن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جائيڪا جي نمائندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي تربيتي پروگرام علم جي مٽاسٽا سکڻ ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي کان آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم آهي جنهن جو مقصد هارين کي بااختيار بڻائڻ آهي، تربيت جي اهم موضوعن ۾ جديد فصلن جي پيداوار جا طريقا، وسيلا خصوصي پاڻي جي موثر استعمال ۽ انتظام، ويليوجين جي ترقي سان گڏ زرعي اعليٰ معيار هي صلاحيت سازي پروگرام جائيڪا نيشنل ايگريڪلچر ريسرچ ڪونسل ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڪي پي جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد زرعي ترقي جي معاونت آهي.
0 تبصرے