ملير: يوسي صالح محمد جي ڳوٺ غريب آباد واسين جو احتجاج

ملير: يوسي صالح محمد جي ڳوٺ غريب آباد واسين جو احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يوسي 4 صالح محمد ڳوٺ جي علائقي غريب آباد جي رهواسين پاڻي، بجلي، گئس ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي جي يو آئي يوسي صالح محمد جي امير مفتي عبدالشكور، عبدالستار، عبدالناصر لاشاري، ذوالفقار، نواب بلوچ، محمد اسلم بلوچ ۽ خالد حسين بلوچ ڪري رهيا هئا مظاهرو ڪندڙ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي خلاف نعريبازي ڪئي۔ ان موقعي تي مفتي عبدالشكور، عبدالناصر لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته غريب آباد ۾ ڪيترائي سال گذرڻ باوجود پيئڻ جي صاف پاڻي جي لائين، بجلي ۽ گئس جهڙيون سهولتون موجود ناهن۔ هزارين رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، پر افسوس جو چونڊيل نمائندا مسلسل غفلت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، اڳواڻن جو چوڻ هو۔اُنهن وڌيڪ چيو ته گڊاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪروڙين رپين جو ساليانو بجيٽ هئڻ باوجود علائقي ۾ هڪ به ترقياتي ڪم مڪمل نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڪثر بجيٽ صرف ڪاغذي ڪارروائن ۾ خرچ ڪري ڪرپشن ڪئي پئي وڃي۔مظاهرين مطالبو ڪيو ته غريب آباد وارن کي فوري طور صاف پاڻي، بجلي، گئس ۽ بهتر ڊرينج سسٽم فراهم ڪيو وڃي ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪن۔