"هي نظام مريضن کي معياري صحت سهولتون مهيا ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي: ڊاڪٽر ممتاز علي چوهاڻ
ٺٽو(شفيق ڀٽي)شيخ زيد تعلقه اسپتال ميرپور ساڪرو ضلعي ٺٽي ۾ ڪمپيوٽرائزد ليبارٽري رپورٽنگ سسٽم جو باضابطه افتتاح ڪيو ويو آهي، جيڪا اسپتال جي 1980ع ۾ قيام کان پوءِ جديد ٽيڪنالاجي جي ڏس ۾ سڀ کان وڏي پيش رفت قرار ڏني پئي وڃي.ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر ممتاز علي چوهاڻ جي قيادت ۾ اسپتال کي جديد معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ جاري ڪوششن جي نتيجي ۾ نئون سسٽم فعال بڻايو ويوآهي، جنهن سان نه رڳو رپورٽن جي درستگي ۽ رفتار ۾ بهتري ايندي، پر مريضن جو مڪمل طبي رڪارڊ به ڊجيٽل صورت ۾ محفوظ رهندو.نئين نظام تحت سڀئي ليبارٽري رپورٽون ڪمپيوٽرائزد شڪل ۾ جاري ٿينديون ،مريضن جي مڪمل طبي هسٽري خودڪار ڊجيٽل نظام ۾ محفوظ رهندي.۽ ڊاڪٽر حضرات ڪنهن به وقت مريضن جو پراڻو رڪارڊ فوري طور حاصل ڪري سگهندا. ۽ رپورٽن جي شفافيت ۽ معيار برقرار رھندو ۽ غلطيءَ جا امڪان نمايان طور گهٽجي ويندا.اسپتال ۾ سڀئي بيس لائن ٽيسٽ اڳ ئي نارمل طريقي سان جاري آهن، جنهن سان علائقي جي رهواسين کي وڏي سهولت ملي رهي آهي.ڊجيٽل سسٽم جي افتتاح جي موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر ممتاز علي چوهاڻ جو چوڻ هو ته "هي نظام مريضن کي معياري صحت سهولتون مهيا ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي. اسان جو مقصد اسپتال کي مڪمل طور تي جديد سسٽم سان هم آهنگ ڪرڻ آهي."ياد رهي ته ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ جي ڪوششن سان اداري ۾ ٻيون به ڪافي بهتريون آيون آھن جنھن تحت ليبر روم ۽ ايمرجنسي جي مانيٽرنگ سسٽم جي اپگريڊيشن ڪئي ويئي آھي ،اسپتال جي صفائي، سيڪيورٽي ۽ ويسٽ مينيجمينٽ ۾ نمايان سڌارا آندا ويا آھن ۽ دوائن جي دستيابي ۽ اسٽاڪ مينيجمينٽ جي سسٽم کي پڻ مستحڪم ڪيو ويو آھي .علائقي جي ماڻهن جديد سسٽم جي شروعات کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته "هي سهولت ميرپور ساڪرو جي هزارين مريضن لاءِ وڏي آساني آهي."ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ وڌيڪ چيو ته "اسان جو مقصد شيخ زيد تعلقه اسپتال کي ضلعي ٺٽي جي بهترين اسپتالن ۾ شامل ڪرڻ آهي ۽ ھتي جديد سهولتون مرحليوار عوام لاءِ آڻڻ جو سلسلو جاري رهندو.
0 تبصرے