English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي جي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ اڪبر جاگيراڻي پاران کليل ڪچھري منعقد
289 views
|
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري جي مختيارڪار آفيس ۾ کلي ڪچهري منعقد، شهرين مسئلن جا ڍير لڳائي ڇڏيا
ڏوڪري)اطهر ميمڻ) لاڙڪاڻي جي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ اڪبر جاگيراڻي مختيارڪار آفيس ڏوڪري ۾ کليل ڪچھري منعقد ڪئي، جنھن ۾ شھرين طرفان پوليس، ايجوڪيشن، ايريگيشن، روينيو، سب رجسٽرار ۽ صحت کاتي خلاف شڪايتون ڪيون، جنھن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب علي اڪبر جاگيراڻي بروقت ھدايتون جاري ڪندي سندن مسئلا حل ڪيا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ريجنل محتسب علي اڪبر جاگيراڻي چيو ته تڪڙو ۽ سستو انصاف فراھم ڪرڻ اولين فرض آھي، عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي مان 11 سئو ڪيس ٻڌا آھن، جن ۾ روينيو، پوليس، ايريگيشن، صحت، استادن جي آء ڊيز ۽ ٽريزري جا مسئلا، بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ فرنيچر جي کوٽ سميت ٻيا مسئلا شامل آھن. ڏوڪري جي مختيارڪار آفيس ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب علي اڪبر جاگيراڻي چيو ته شھري صوبائي کاتن ۾ درپيش مسئلن بابت شڪايت کڻي اچن، سندن مسئلو گھٽ وقت ۾ حل ڪري کين جائز رليف ضرور مھيا ڪيو ويندو. ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ريجنل محتسب علي اڪبر جاگيراڻي چيو ته سڌريل ملڪن اندر محتسب جو اھم ڪردار آھي. شھري وڪيلن جو خرچ ڪن ٿا پر کين محتسب اعلي بابت ڄاڻ جي گھٽتائي سبب ماڻھو نه پيا اچن. ھن چيو ته اڻپورن ۽ ٺيڪيدارن طرفان اڌ ۾ ڇڏيل روڊن رستن بابت شڪايتن تي بہ ضرور ڪارروائي ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو. ھن ٻڌايو ته عام پني تي درخواست لکي محتسب آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي، درخواست اي ميل بہ ڪري سگھجي ٿي، جڏھن ته ويجھڙائي ۾ ايپ بہ لانچ ڪئي وئي آھي ته جيئن عوام کي سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي، مختيارڪار ڏوڪري عبدالباسط موريو، اسسٽنٽ مختيارڪار ڪامران ضمير منگي، اسسٽنٽ مختيارڪار قاضي امجد جوڻيجو، ايس ايڇ او ڏوڪري دلشاد منگي سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ اڪبر جاگيراڻي
0 تبصرے