English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي جي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ اڪبر جاگيراڻي پاران کليل ڪچھري منعقد
3 views
|
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري جي مختيارڪار آفيس ۾ کلي ڪچهري منعقد، شهرين مسئلن جا ڍير لڳائي ڇڏيا
ڏوڪري)اطهر ميمڻ) لاڙڪاڻي جي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ اڪبر جاگيراڻي مختيارڪار آفيس ڏوڪري ۾ کليل ڪچھري منعقد ڪئي، جنھن ۾ شھرين طرفان پوليس، ايجوڪيشن، ايريگيشن، روينيو، سب رجسٽرار ۽ صحت کاتي خلاف شڪايتون ڪيون، جنھن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب علي اڪبر جاگيراڻي بروقت ھدايتون جاري ڪندي سندن مسئلا حل ڪيا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ريجنل محتسب علي اڪبر جاگيراڻي چيو ته تڪڙو ۽ سستو انصاف فراھم ڪرڻ اولين فرض آھي، عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي مان 11 سئو ڪيس ٻڌا آھن، جن ۾ روينيو، پوليس، ايريگيشن، صحت، استادن جي آء ڊيز ۽ ٽريزري جا مسئلا، بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ فرنيچر جي کوٽ سميت ٻيا مسئلا شامل آھن. ڏوڪري جي مختيارڪار آفيس ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب علي اڪبر جاگيراڻي چيو ته شھري صوبائي کاتن ۾ درپيش مسئلن بابت شڪايت کڻي اچن، سندن مسئلو گھٽ وقت ۾ حل ڪري کين جائز رليف ضرور مھيا ڪيو ويندو. ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ريجنل محتسب علي اڪبر جاگيراڻي چيو ته سڌريل ملڪن اندر محتسب جو اھم ڪردار آھي. شھري وڪيلن جو خرچ ڪن ٿا پر کين محتسب اعلي بابت ڄاڻ جي گھٽتائي سبب ماڻھو نه پيا اچن. ھن چيو ته اڻپورن ۽ ٺيڪيدارن طرفان اڌ ۾ ڇڏيل روڊن رستن بابت شڪايتن تي بہ ضرور ڪارروائي ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو. ھن ٻڌايو ته عام پني تي درخواست لکي محتسب آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي، درخواست اي ميل بہ ڪري سگھجي ٿي، جڏھن ته ويجھڙائي ۾ ايپ بہ لانچ ڪئي وئي آھي ته جيئن عوام کي سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي، مختيارڪار ڏوڪري عبدالباسط موريو، اسسٽنٽ مختيارڪار ڪامران ضمير منگي، اسسٽنٽ مختيارڪار قاضي امجد جوڻيجو، ايس ايڇ او ڏوڪري دلشاد منگي سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انا، احساس، ۽ روين جي جنگ!
25th Nov 2025
•
سندھ
سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي جو گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي بحران بابت هنگامي اجلاس
25th Nov 2025
•
تازہ ترین
ذوالفقار علی بھٹو نے سیاست کو ڈرائنگ روم سے نکال کر عوامی جلسوں تک پہنچایا: نثار احمد کھوڑو
25th Nov 2025
•
سندھ
سلاوٹ جماعت ایسوسی ایشن کی جانب سے روشن تاراہائی اسکول سلاوٹ پاڑہ حیدرآباد میں بچوں کے عالمی دن کے حوالے سے پروگرام منعق
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: يوسي صالح محمد جي ڳوٺ غريب آباد واسين جو احتجاج
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير سٽي پوليس جي ڪارروائي، گٽڪو ماوا سپلائي ڪندڙ رڪشا ڊرائيور گرفتار
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارونجھر ڪيس خلاف ضلع بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جي مڪمل هڙتال، عدالتن جو بائيڪاٽ
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شيخ زيد تعلقه اسپتال ميرپور ساڪرو ضلعي ٺٽي ۾ ڪمپيوٽرائزد ليبارٽري رپورٽنگ سسٽم جو افتتاح
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ اڪبر جاگيراڻي
0 تبصرے