تقريب جي شروعات سيد گل محمد شاهه مرحوم جي آخري آرمگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني سان ڪئي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)درگاهه حضرت سيد شاهه حسن تقوي رحمت الله عليه جي سجاده نشين سيد گل محمد شاهه مرحوم جي چوٿين ورسي سندس آخري آرمگاهه درگاهه شريف تي وڏي عقيدت، احترام ۽ روحاني جوش سان ملهائي وئي. تقريب ۾ عزيزن، مريدن ۽ عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي شروعات سيد گل محمد شاهه مرحوم جي آخري آرمگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني سان ڪئي وئي شرڪت ڪندڙن مرحوم جي ديني، سماجي ۽ روحاني خدمتن کي ياد ڪندي چيو ته سندن خدمتون نه صرف علائقي جي ماڻهن لاءِ مثالي رهيون، مريدن ۽ عقيدتمندن چيو ته سيد گل محمد شاهه مرحوم هميشه سچائي، عاجزي ۽ خدمت خلق جي جذبي سان پنهنجو وقت ۽ وسيلن کي سماجي ڀلائي لاءِ وقف ڪيو. سندن علمي، روحاني ۽ خدمتي ڪردار علائقي ۾ امن ۽ ڀائچاري جو سبب بڻيو ۽ سندن ياد هميشه دلين ۾ زنده رهندي تقريب ۾ درگاهه حضرت سيد شاهه حسن تقوي جي سجاده نشين سيد افضل شاهه، سيد عبدالستار شاهه، سيد عارب شاهه، سيد علي محمد شاهه، سيد هارون شاهه ۽ سيد شاهه محمد شاهه سميت وڏي تعداد ۾ مريدن شرڪت ڪئي تقريب جي آخر ۾ في سبيل الله خيرات پڻ ڪئي وئي.،
0 تبصرے