ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سينيٽ قائمہ ڪميٽي براءِ صنعت ۽ پيداوار جي ذيلي ڪميٽي جي اهم اجلاس ۾ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ شديد پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ٿيڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي۔ اجلاس ڪميشنر ڪراچي جي آفيس ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت سينيٽر خالدہ عطیب ڪئي، جڏهن ته سينيٽر وقار مهدي، سينيٽر مسرور احسن، سينيٽر حسنىٰ بانو، سي اي او پاڪستان اسٽيل اسد اسلام، واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جا اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي۔اجلاس جو واحد ايجنڊو اسٽيل مل جي انتظامي، سيڪيورٽي ۽ پاڻي جي فراهمي سان لاڳاپيل معاملن جو حل هو، جنهن ۾ نمايان اڳڀرائي رپورٽ ڪئي وئي۔ واٽر بورڊ جي سي او او اسدالله خان اجلاس کي ٻڌايو ته گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون لاءِ 3 ڪلوميٽر ڊگهي عارضي پاڻي لائين وڇائي وئي آهي ۽ متبادل پاڻي جو انتظام به تيار آهي، پر اسٽيل مل جي ريزروائر جي بجلي بند هجڻ سبب پاڻي جي سپلائي ممڪن نه ٿي رهي۔سي اي او اسٽيل مل اسد اسلام ڪميٽي کي يقين ڏياريو ته واٽر بورڊ جي درخواست تي اين او سي هڪ ئي ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو۔ سينيٽر خالدہ عطیب حڪم ڏنو ته اين او سي جي ڪاپي فوري طور تي کين فراهم ڪئي وڃي۔ ان فيصلي کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ اعلان ڪيو ته اين او سي ملڻ شرط هڪ هفتي اندر ٽرانسفارمر ۽ ڪيبلنگ مڪمل ڪري بجلي بحال ڪري ڇڏي ويندي سينيٽر وقار مهدي چيو ته چار مهينن کان پاڻي نه ملڻ سبب رهواسي شديد تڪليف جو شڪار آهن، تنهن ڪري متبادل حل کي فوري طور فعال ڪيو وڃي। ڪميشنر ڪراچي سيد حسن نقوي ٻڌايو ته ميئر ڪراچي جي فراهم ڪيل متبادل واٽر پروجيڪٽ کي ڪي اليڪٽرڪ جي وڏي بِل سبب عمل ۾ نه آڻي سگهيو هو، پر سنڌ حڪومت ادائيگي لاءِ تيار آهي، جنهن سان رنڊڪ جلد ختم ٿي ويندي اجلاس ۾ اسٽيل مل جي 1675 ايڪڙ غير منتقل ٿيل زمين تي وڌندڙ قبضي جي خطري بابت ڳالهه ٻولهه ٿي۔ سي اي او اسٽيل مل چيو ته زمين واڳي ڪرڻ لاءِ پوليس فورس سان گڏ ايف آءِ آر ضروري آهي ته جيئن قبضي ڪندڙن جو ڪرمنل رڪارڊ سامهون اچي سگهي۔ سينيٽر خالدہ عطیب ڊي سي ملير کي هدايت ڪئي ته سڀ وسيلا استعمال ڪري زمين فوري طور ناجائز قبضي کان آزاد ڪرائي وڃي سينيٽر وقار مهدي چيو ته اسٽيل مل جي زمين، لينڊ ايڪوزيشن ۽ 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڏنل زمين جي مڪمل تفصيل ڪميٽي سان شيئر ڪئي وڃي سينيٽر مسرور احسن اسٽيل مل ۾ فنانس جي مستقل آفيسر جي غيرموجودگي تي اعتراض ڪندي چيو ته هر اجلاس ۾ نئون آفيسر مالي تفصيل ڏيڻ اچي ٿو، جيڪو انتظامي ڪمزوري آهي۔ ڊي سي ملير ٻڌايو ته 2024ع ۾ داخل ٿيل 9 ايف آءِ آرن مان 5 ۾، جڏهن ته 2025ع ۾ داخل ٿيل 29 مان 24 ۾ رڪوري ٿي چڪي آهي۔سينيٽر خالدہ عطیب 10 ارب رپيا چوري جي وڏي ڪيس بابت سخت سوال اٿاريا ته ڪيتري رڪوري ٿي؟ ۽ ملزم ڪٿي آهي؟ جنهن تي سي ايف او ٻڌايو ته ڪيس ايف آءِ اي جي حوالي آهي۔سينيٽر وقار مهدي وڌيڪ چيو ته اسٽيل مل جي سيڪيورٽي انتهائي ڪمزور آهي، هڪ ئي هنڌ تان بار بار چوري ٿيڻ سنگين غفلت آهي۔ هن هدايت ڪئي ته اسٽيل مل جو مڪمل سيڪيورٽي آڊٽ ڪرايو وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي ايف سي جي خدمتن به حاصل ڪيون وڃن۔
0 تبصرے