ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ڌار ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ چاھي ٿي: اياز لطيف پليجو

ماتلي جي ڳوٺ عرس لغاري ڄمون باغ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو جلسو، سوين ماڻهن جي شرڪت

ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ڌار ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ چاھي ٿي: اياز لطيف پليجو

ماتلي(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جو ماتلي جي ڳوٺ عرس لغاري ڄمون باغ ۾ 27ھين آئيني ترميم خلاف، سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت جي حفاظت لاءِ نامياري قانوندان، دانشور اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ جشن لطيف جو جلسي عام ڪيو ويو.جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ ۾ زھريلا گٽڪا، مين پڙي، صفينا، ٺرو ۽ ٻي منشيات جا ٺيڪا اھل اقتدار جي وڏيرن حوالي آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر ٽوپلا پايو وڏين گاڏين مان ڌوڙ اوڏايو مال ٺاهيندا وتن هي غدار سنڌ جي حقن لاءِ ڇو نٿا ڳالهائين. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ڌار ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ چاھي ٿي. ڪراچي سنڌ جو روح آهي ان جي تحفظ لاء سنڌي ماڻهون وڙهندو ڪراچي جي تحفظ لاءِ سنڌ جا ماڻھو ائين وڙھندا جيئن ڀيڻ ۽ ماءُ جي عزت لاءِ وڙھبو آهي..اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي ۾ اگر ڪنهن ھٿ وڌو تہ پوءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور تائين ڏھرڪي، ميرپور ماٿيلي، گھوٽڪي تائين ھتان 7 سوُ ڪلوميٽر جيڪو روڊ آهي جنھن جي ڪلوميٽر ڪلوميٽر تي ھزارين سنڌي ھوندا بند ڪري ڇڏبو ان شھ رڳ جي سودي کي روڪڻ لاءِ سڄو پاڪستان، سڄي سنڌ ۽ جيڪا سنڌ جي چر پر آهي اياز لطيف پليجو جي چوڻ تي نہ سنڌ جو عام ماڻهو پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي جنهن انھن جي نياڻين ۾ ڪير ھٿ وجھي ٻچن مٿان ڪير تلوار کڻي اچي بيھي رھي تہ پوءِ جيئن ماڻهو وڙھندو آهي ڪراچي جي تحفظ لاءِ سنڌي ماڻهو ائين وڙھندو، توهان کي حيران ڪري ڇڏيندو. توهان ۽ توهان جا جيڪي مددگار اھو ڪم ڪندا اھي ياد رکن اھي پنهنجي پير تي ڪھاڙو ھڻندا. جيڪو ٻج ڇٽيندا جنهن ٻج جي نتيجي ۾ غرق ٿي ويندا تباھ ۽ برباد ٿي ويندا ڪو بہ نہ بچندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ترميمن ذريعي سنڌ کي نشانو بڻايو ويو تہ مزاحمت ڪنداسين ڪراچي يا سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڀلجي وڃو. نہ ڪراچي ڇڏبي يا درياھ ممڪن ڪونهي. روز جيڪي نيون اٽڪلون سوچيو ٿا ھيئن ڪنداسين جيڪو ماڻهو اچي ٿو چوي ٿو اھڙي ڪاروائي ڪريان جو مون کي تاريخ ۾ ياد رکندا. ھي ان بہ سوچيو ايوب تاريخ ۾ ياد رکن ڀڇڙو ٿي لٿو، يحي بہ سوچيو ضياء چيو آئون ھيئن ٿو ڪريان، مشرف بہ مڪ پئي ڏيکاري، نواز شريف، ھر ماڻھو جيڪو اچي ٿو پوءِ ھيئن ڪنداسين، پوءِ تاريخ ۾ ياد رکيو وينداسين، تاريخ انهن ڳالهين جي ڪري ٿوري ياد رکبو تون ھيئن ڪيو. تاريخ ۾ ياد رکبو آهي توهان ملڪ جي ماڻهن جو ڳاٽ اوچو ڪيو دنيا جي آڏو يا نہ. اياز لطيف پليجي چيو تہ توھان چيو ھو نہ حيدرآباد سنڌ ۾ نہ آهي ويسٽ پاڪستان ۾ آهي لاڙڪاڻو ويسٽ پاڪستان ۾ آهي ون يونٽ آھي ٻہ آهن ايسٽ پاڪستان ويسٽ پاڪستان پوءِ ھليو ڇا، مارشلا ضياء جي ھلي ڇا، توهان چيو تہ ڪالاباغ ڊيم ٿا ٺاھيون پوءِ ٺاھيو ڇا، ٻٽو نظام آڻڻ ٿي چاهيو آڻي سگھيو ڇا. ڪن ڳالهين ۾ سھڻا سائين وس ڪون ھلندو آهي. ماڻهن سان ڇيڙ ڇاڙ نہ ڪريو. ماڻهن جي ِنڙي ۾ ھٿ نہ وجھو. ماڻهو جو ٻئي ڪنهن جي پير تي پير اچي ويندو تہ اڳلو ماڻهو ساري ڪري اڳيان مٽي ويندو پر جيڪڏهن ڳچي ۾ گھوگھو ڏيندو تہ ماڻهو وڙهي پوندو آهي. ٻلي وڙهي پوندي آهي تنهن ڪري نوان تجربا نہ ڪريو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان کي ھڪڙو نئون، ڪامياب پاڪستان بڻائڻو آهي پنھنجي پيرن تي بيٺل پاڪستان بڻائڻو آهي. اھڙو پاڪستان جنهن ۾ رواداري، خودمختياري، آزادي، برابري، امن، ڪرپشن کان پاڪ، ترقي ھجي پاڪستان اھڙو پاڪستان بنائن. ھي صحيح وقت آهي توهان انڊيا جي جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اھا ڪاميابي عوام تائين پھچڻ گھرجي. پاڪستان مودي جھڙي فاشسٽ کي شڪست ڏني آهي پر اھا شڪست ڏئي اھل اقتدار وارن جا ٺٺ ٿي وڃن ۽ غريب ماڻهو ساڳيو بکيو لنگھڙ پيو هلي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي تين وال نہ ڪريو، سنڌ جو سودو نہ ڪيو، سنڌ کي ڀڳڙن مٺ تي نہ وڪرو ڪريو ائين نہ ڪيو جڏهن توهان سڀاڻي نہ ھجو توهان جي قبرن ۽ آخري آرام گاھن ڀرسان ڪنهن مٽ مائٽ جي قبر تي سنڌي ڪو اچي دعا گھرڻ ان کي ٻڌائين ڀرسان فلاڻي جي قبر آهي اوڏانهن پٺ ڏئي منھن ڀڇڙو ڪري ان پاسي کان مٽي ھليو وڃي ۽ چوي ھتي فلاڻو ماڻهو دفن ٿيل جنهن سنڌ وڪڻي ڇڏي.جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالله چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شازيه احمداڻي، ليکڪ سليم چنا، لکي ميرجت، سفير نظاماڻي، شبير لغاري، سانول گوپانگ، ڪيلاش مڪواڻو، ونود ميگيواڙ، حسين درس ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو