English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ڌار ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ چاھي ٿي: اياز لطيف پليجو
252 views
|
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ماتلي جي ڳوٺ عرس لغاري ڄمون باغ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو جلسو، سوين ماڻهن جي شرڪت
ماتلي(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جو ماتلي جي ڳوٺ عرس لغاري ڄمون باغ ۾ 27ھين آئيني ترميم خلاف، سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت جي حفاظت لاءِ نامياري قانوندان، دانشور اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ جشن لطيف جو جلسي عام ڪيو ويو.جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ ۾ زھريلا گٽڪا، مين پڙي، صفينا، ٺرو ۽ ٻي منشيات جا ٺيڪا اھل اقتدار جي وڏيرن حوالي آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر ٽوپلا پايو وڏين گاڏين مان ڌوڙ اوڏايو مال ٺاهيندا وتن هي غدار سنڌ جي حقن لاءِ ڇو نٿا ڳالهائين. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ڌار ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ چاھي ٿي. ڪراچي سنڌ جو روح آهي ان جي تحفظ لاء سنڌي ماڻهون وڙهندو ڪراچي جي تحفظ لاءِ سنڌ جا ماڻھو ائين وڙھندا جيئن ڀيڻ ۽ ماءُ جي عزت لاءِ وڙھبو آهي..اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي ۾ اگر ڪنهن ھٿ وڌو تہ پوءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور تائين ڏھرڪي، ميرپور ماٿيلي، گھوٽڪي تائين ھتان 7 سوُ ڪلوميٽر جيڪو روڊ آهي جنھن جي ڪلوميٽر ڪلوميٽر تي ھزارين سنڌي ھوندا بند ڪري ڇڏبو ان شھ رڳ جي سودي کي روڪڻ لاءِ سڄو پاڪستان، سڄي سنڌ ۽ جيڪا سنڌ جي چر پر آهي اياز لطيف پليجو جي چوڻ تي نہ سنڌ جو عام ماڻهو پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي جنهن انھن جي نياڻين ۾ ڪير ھٿ وجھي ٻچن مٿان ڪير تلوار کڻي اچي بيھي رھي تہ پوءِ جيئن ماڻهو وڙھندو آهي ڪراچي جي تحفظ لاءِ سنڌي ماڻهو ائين وڙھندو، توهان کي حيران ڪري ڇڏيندو. توهان ۽ توهان جا جيڪي مددگار اھو ڪم ڪندا اھي ياد رکن اھي پنهنجي پير تي ڪھاڙو ھڻندا. جيڪو ٻج ڇٽيندا جنهن ٻج جي نتيجي ۾ غرق ٿي ويندا تباھ ۽ برباد ٿي ويندا ڪو بہ نہ بچندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ترميمن ذريعي سنڌ کي نشانو بڻايو ويو تہ مزاحمت ڪنداسين ڪراچي يا سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڀلجي وڃو. نہ ڪراچي ڇڏبي يا درياھ ممڪن ڪونهي. روز جيڪي نيون اٽڪلون سوچيو ٿا ھيئن ڪنداسين جيڪو ماڻهو اچي ٿو چوي ٿو اھڙي ڪاروائي ڪريان جو مون کي تاريخ ۾ ياد رکندا. ھي ان بہ سوچيو ايوب تاريخ ۾ ياد رکن ڀڇڙو ٿي لٿو، يحي بہ سوچيو ضياء چيو آئون ھيئن ٿو ڪريان، مشرف بہ مڪ پئي ڏيکاري، نواز شريف، ھر ماڻھو جيڪو اچي ٿو پوءِ ھيئن ڪنداسين، پوءِ تاريخ ۾ ياد رکيو وينداسين، تاريخ انهن ڳالهين جي ڪري ٿوري ياد رکبو تون ھيئن ڪيو. تاريخ ۾ ياد رکبو آهي توهان ملڪ جي ماڻهن جو ڳاٽ اوچو ڪيو دنيا جي آڏو يا نہ. اياز لطيف پليجي چيو تہ توھان چيو ھو نہ حيدرآباد سنڌ ۾ نہ آهي ويسٽ پاڪستان ۾ آهي لاڙڪاڻو ويسٽ پاڪستان ۾ آهي ون يونٽ آھي ٻہ آهن ايسٽ پاڪستان ويسٽ پاڪستان پوءِ ھليو ڇا، مارشلا ضياء جي ھلي ڇا، توهان چيو تہ ڪالاباغ ڊيم ٿا ٺاھيون پوءِ ٺاھيو ڇا، ٻٽو نظام آڻڻ ٿي چاهيو آڻي سگھيو ڇا. ڪن ڳالهين ۾ سھڻا سائين وس ڪون ھلندو آهي. ماڻهن سان ڇيڙ ڇاڙ نہ ڪريو. ماڻهن جي ِنڙي ۾ ھٿ نہ وجھو. ماڻهو جو ٻئي ڪنهن جي پير تي پير اچي ويندو تہ اڳلو ماڻهو ساري ڪري اڳيان مٽي ويندو پر جيڪڏهن ڳچي ۾ گھوگھو ڏيندو تہ ماڻهو وڙهي پوندو آهي. ٻلي وڙهي پوندي آهي تنهن ڪري نوان تجربا نہ ڪريو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان کي ھڪڙو نئون، ڪامياب پاڪستان بڻائڻو آهي پنھنجي پيرن تي بيٺل پاڪستان بڻائڻو آهي. اھڙو پاڪستان جنهن ۾ رواداري، خودمختياري، آزادي، برابري، امن، ڪرپشن کان پاڪ، ترقي ھجي پاڪستان اھڙو پاڪستان بنائن. ھي صحيح وقت آهي توهان انڊيا جي جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اھا ڪاميابي عوام تائين پھچڻ گھرجي. پاڪستان مودي جھڙي فاشسٽ کي شڪست ڏني آهي پر اھا شڪست ڏئي اھل اقتدار وارن جا ٺٺ ٿي وڃن ۽ غريب ماڻهو ساڳيو بکيو لنگھڙ پيو هلي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي تين وال نہ ڪريو، سنڌ جو سودو نہ ڪيو، سنڌ کي ڀڳڙن مٺ تي نہ وڪرو ڪريو ائين نہ ڪيو جڏهن توهان سڀاڻي نہ ھجو توهان جي قبرن ۽ آخري آرام گاھن ڀرسان ڪنهن مٽ مائٽ جي قبر تي سنڌي ڪو اچي دعا گھرڻ ان کي ٻڌائين ڀرسان فلاڻي جي قبر آهي اوڏانهن پٺ ڏئي منھن ڀڇڙو ڪري ان پاسي کان مٽي ھليو وڃي ۽ چوي ھتي فلاڻو ماڻهو دفن ٿيل جنهن سنڌ وڪڻي ڇڏي.جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالله چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شازيه احمداڻي، ليکڪ سليم چنا، لکي ميرجت، سفير نظاماڻي، شبير لغاري، سانول گوپانگ، ڪيلاش مڪواڻو، ونود ميگيواڙ، حسين درس ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
ايم ڪيو ايم ڪراچي
ماتلي جي ڳوٺ عرس لغاري ڄمون باغ
0 تبصرے