هينڊز طرفان ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي تي منعقد سائنس ايگزيبيشن ۾ ٻارڙن تقريبن 20 پروجيڪٽ ٺاهي پيش ڪيا
ميھڙ(رپورٽر)گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سوجھرو ڳورڙ ۾ هينڊز طرفان ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۽ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ خاص مھان ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن سيد محمد حسن شاھ صاحب هئا. سائنس ايگزيبيشن ۾ ٻارڙن تقريبن 20 پروجيڪٽ ٺاهي پيش ڪيا جن ۾ ايسڊ رين، هائڊرولڪ لفٽ مشين، واٽر پاليوشن، نيوٽنس ڪريڊل، سمپل پينڊوليم، اي ٽي ايم مشين، سولر ليونر اڪلپ ،هيومن ويسڪيولر سسٽم ۽ ٻيا 20 کن پروجيڪٽ ۽ ڪلچرل شين جي پڻ نمائش ڪئي وئي. تقريب ۾ مھمان خاص سيد محمد حسن شاھ خطاب ڪندي چيو ته هائير سيڪنڊري اسڪول سوجھرو ڳورڙ جي شاگردن سائنسي پروجيڪٽ پيش ڪري اڄ پاڻ مڃايو آهي. حقيقت آهي ته اڄوڪو ڏينهن ٻارن جي حقوق لاءِ ملهايو ويندو آهي ۽ ٻارن جو بنيادي حق تعليم آهي ۽ الحمداللہ سنڌ گورنمينٽ تعليم لاءِ بهترين قدم کڻي رهي آهي انشاء پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ. ان موقعي تي تقريب کي پرنسپال سيد اعظم علي شاھ، پروفيسر ڌڻي بخش ڳورڙ، گسٽا اڳواڻ بدرالدين ڳورڙ، هيڊ ماستر محب علي سولنگي، سرائي مظهر علي ڳورڙ، استاد صاحبان ۾ جان محمد چانڊيو، احسان ڳورڙ ،شعبان علي ڳورڙ ، سراج احمد ڳورڙ ، سعيد احمد ڳورڙ، امتياز علي ڳورڙ، شهمير مگسي، ارشد چانڊيو، سيد سردار، مدد علي ڳورڙ، قمر الدين شيخ، اظهر سولنگي، عبدالحمید کوسو، جاويد جبار ڪنڀر، فراز حفيظ ڳورڙ، راشد علي کوسو، شيراز ڳورڙ، عامر چانڊيو ،صدام ڳورڙ، نصير چانڊيو، جواد سيال ۽ هينڊز اسڪول ڪو آرڊينيٽر احد علي سوهو ٻارن جي عالمي ڏينهن جي نسبت سان تقريب کي خطاب ڪيو.
0 تبصرے