نوشهرو فيروز (ڊر)نوشهرو فيروز جيل ۾ قيد جوابدار شاهد حسين مجيداڻو دل جي دوري سبب فوت لاش سول اسپتال منتقل پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن حوالي۔ تفصيل موجب نوشهرو فيروز جيل ۾ قيد جهيڙي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شاهد حسين ولد طالب حسين مجيداڻو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. جيل ذريعن مطابق قيدي اوچتو بيمار ٿيو، جنهن بعد کيس فوري طبي سهائتا فراهم ڪئي وئي، پر هو فوت ٿي ويو. واقعي کان پوءِ جيل انتظاميا فوتي جي ميت کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي ليٽر سان گڏ سول اسپتال نوشهرو فيروز منتقل ڪيو، جتي سول جج جي نگراني ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. جيل عملدارن ٻڌايو ته شاهد حسين مٿان پدعيدن ٿاڻي تي ڪيس داخل هو ۽ معاملو عدالت ۾ هلي رهيو هو۔ پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ بعد ميٽ قانوني ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪئي وئي آهي. سول اسپتال ۾ موجود ڊيوٽي تي ڊاڪٽر موجب پورسٽ مارٽم ٿيڻ بعد موت جي اصل سبب بابت تفصيلي طبي رپورٽ جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته وارثن پاران وڌيڪ جاچ جو مطالبو به امڪاني جاچ جو مطالبو ڪيو۔
0 تبصرے