ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، منشيات فروشن سميت 20 جوابدار گرفتار

مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران 9 منشيات، 10 گٽڪا فروش ۽ هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪيو ويو: پوليس

ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، منشيات فروشن سميت 20 جوابدار گرفتار

ٺٽو(ڊ ر) ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروايون 9 منشيات فروش، 10 گٽڪا فروش ۽ 1 ڏوهاري سميت 20 جوابدار گرفتار، گٽڪي مائي جون 1485 پڙيون، 10 ليٽر ديسي شراب جا 123 ٿيلها، 1 پستول ۽ 1 موٽرسائيڪل هٿ، ڪيس داخل آءِ جي پي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن جي روشني ۾، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تي، ٺٽو پوليس منشيات، ڏوهاري عناصرن، عادتي ڏوهارين، گٽڪا ۽ مين پڙي خلاف تيزي سان ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي.ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تي پوليس ٿاڻو ٺٽو، گهارو، جھمپير، ڳاڙھو، گهوڙاٻاري ۽ ساڪرو پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪارروايون ، 9 منشيات فروش گرفتار ڪري جوابدارن اصغر ولد گلو ميربحر، وسيم ولد رحيم بخش جکرو، غلام مصطفيٰ مير ولد محمد يعقوب ولد محمد يعقوب ولد محمد عرف ملاح کي گرفتار ڪري ورتو. غلام قادر عرف دادا ولد حاجي الله ڏنو قمبراڻي، جاويد ولد عثمان ميربحر، شهباز ولد قاسم. قمبراڻي، جيند پٽ رانجھو ڪاتيار، بابو پٽ احمد درس، 10 گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدار محمد پٽ عبدالڪريم سوڊو، طاهر پٽ لعل محمد بروهي، نور علي محمد عمر ملاح، گل محمد پٽ خدا ڏنو شورو، رمضان پٽ رجب ملاح، سجاد پٽ حسين ملاح، زاهد علي پٽ عباس خاصخيلي، عبدالغني پٽ حسين ملاح، محمد عرف پوڙھو پٽ حسن لوهار، شبير احمد پٽ عبدالرحمان حيدري فقير ۽ 1 ارشد پٽ محمد اشرف ملاح کي گرفتار ڪيو ويو.گرفتار جوابدارن جي قبضي مان گٽڪي جون 1485 پڙيون، 10 ليٽر ديسي شراب جا 123 ٿيلها، 1 پستول ۽ 1 موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي ۽ جوابدارن خلاف لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن تي گٽڪا ايڪٽ، نارڪوٽڪس آرڊيننس ۽ آرمز ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.