عوامي شڪايتن جي فوري ازالي ۽ مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: ذوالفقار علي جوڻيجو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ محمد سهيل راجپوت جي خاص هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو پاران ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ ۾ هڪ کلي ڪچهري (Open Kachehri) منعقد ڪئي، جنهن ۾ علائقي جي شهرين، سول سوسائٽي جي نمائندن، سماجي ورڪرن، صحافين ۽ عام ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي کلي ڪچهري دوران ماڻهن لوڪل گورنمينٽ، ريوينيو، ايجوڪيشن، پبلڪ هيلٿ، ميونسپل سروسز، واٽر سپلائي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن بابت پنهنجون شڪايتون، مسئلا ۽ تڪليفون ريجنل ڊائريڪٽر جي سامهون پيش ڪيون، ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو نه صرف سڀني شڪايتن کي تفصيل سان ٻڌو پر ساڳئي وقت ئي لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي فوري حڪم جاري ڪندي موصول ٿيل 20 کان وڌيڪ شڪايتن جو حل به يقيني بڻايو، ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر ذوالفقار علي جوڻيجو کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي چيو ته صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جو بنيادي مقصد عوام کي سندن ڏاڪڻ تي ئي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت جي سڀني سرڪاري کاتن ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ سروس ڊليوري کي بهتر بڻائڻ آهي، ھن وڌيڪ چيو ته عوامي شڪايتن جي فوري ازالي ۽ مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ان موقعي تي کلي ڪچهري ۾ شرڪت ڪندڙ شهرين صوبائي محتسب سنڌ جي هن عوام دوست پاليسي کي ساراهيندي چيو ته کلي ڪچهري جي انعقاد سان سندن مسئلن جي بروقت حل ٿيڻ لاءِ رستو هموار ٿيو آهي ۽ کين لاڳاپيل کاتن تائين رسائي ۾ به آسانی ملي آهي، آخر ۾ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعلي ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو پاران ميونسپل ڪميٽي جي آفيسرن ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته عوامي شڪايتن کي اوليت ڏيندي انهن جو فوري ۽ مؤثر حل يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي رجسٽرار صوبائي محتسب اعليٰ ميرپورخاص سجاد حسين سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، چيف ميونسپل آفيسر عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، ڊي او ايجوڪيشن عمرڪوٽ عنايت الله ڪنڀر، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر، ٽائون آفيسر عمرڪوٽ محمد اويس سميجو، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مينيجمينٽ ڪمپني جي چيئرمين رسول بخش رحميداني، ميونسپل ڪميٽي جا اڳواڻ، اطلاعات کاتي جا عملدار، ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جا ملازم ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي کلي ڪچهري جي پڄاڻيءَ تي ميونسپل ڪميٽي جي ڪائونسلر جي شڪايت تي عمرڪوٽ شهر جي ٽن مختلف علائقن جو دورو به ڪيو ويو، جتي پاڻي جي نيڪالِ ۽ غير قانوني اِنڪروچمنٽ بابت مسئلا ڏٺا ۽ ٻڌا ويا ۽ موقع تي ئي لاڳاپيل آفيسرن کي فوري حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا.
0 تبصرے