ڪنهن به وقت حادثي جو خطرو، شهرين جون زندگيون داو تي لڳي ويون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائدا آباد لڳ قومي شاهراهه تي عمر مارئي ڳوٺ جي سامهون ٺاهيل پيدل پل شديد زبون حاليءَ جو شڪار بڻجي ويئي آهي، جنهن سبب روزانو هزارين رستو پار ڪندڙ شهرين جي زندگين کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي ان سلسلي ۾ شهرين الزام هنيو آهي ته سياسي بنيادن تي ٺهيل هي پل شروع م ئي لڏڻ ئ ٽٽڻ شروع ٿي جڏهن ته مبينا ڪرپشن ۽ غير معياري تعمير سبب هاڻي مڪمل طور تي جهري ڪري رهي آهي شهرين موجب پيدل پل جي ڏاڪڻن جا ڏاڪا ايتري قدر ڪمزور ٿي چڪا آهن جو هر قدم خطري کان خالي ناهي. خاص طور تي اسڪول ويندڙ ٻار، عورتون ۽ پيرسن هن پل تي چڙهڻ کي صراط جي پل تان گذرڻ قرار ڏئي رهيا آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پل ڪنهن به وقت حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو پر ڪيترن ئي شڪايتن جي ڪو به ذميوار ادارو مرمت يا بحالي لاءِ اڳتي ناهي آيو.رهواسين جو چوڻ آهي ته وس وارن کي شايد هي سڀ ڪجهه نظر ئي نٿو اچي، ڇو ته هو سرڪاري گاڏين ۾ وهندا آهن ۽ پل تي چڙهڻ جي تڪليف به نٿي برداشت ڪرڻي .علائقي جي سماجي تنظيمن، سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين مطالبو ڪيو آهي ته قومي شاهراهه تي موجود هن خطرناڪ ۽ ڪمزور پيدل پل جي فوري مرمت يا نئين سر تعمير ڪئي وڃي، ته جيئن شهرين جي زندگين کي محفوظ بڻائي سگهجي، ٻي صورت ۾ ڪنهن به انساني جاني نقصان جي ذميواري لاڳاپيل ادارن تي عائد ڪئي ويندي۔
0 تبصرے