ڊپٽي ڪمشنر ملير آفيس ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن جي اهم گڏجاڻي، مسئلن جي حل لاءِ اڳڀرائي

ملير ۾ قبرستانن لاءِ نئين زمين جي فراهمي، زمينن جي لِيز جا مسئلا ۽ گوٺن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ جهڙن عوامي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه

ڊپٽي ڪمشنر ملير آفيس ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن جي اهم گڏجاڻي، مسئلن جي حل لاءِ اڳڀرائي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڊپٽي ڪمشنر ملير جي آفيس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ملير جي قيادت ۽ چونڊيل نمائندن جي اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ علائقي جي عوامي ۽ انتظامي مسئلن تي تفصيلي غور و ويچار ڪيو ويو۔ گڏجاڻي ۾ ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، ايم اين اي آغا رفيع الله، صدر ضلع ملير ۽ ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ، پارلياماني سيڪريٽري مائنز اينڊ منرلز ۽ ايم پي اي محمد يوسف مرتضى بلوچ، معاونِ خاص وزيراعليٰ سنڌ محمد سليم بلوچ، ايم پي اي محمد ساجد جوکيو، ايم پي اي محمود عالم جاموٽ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڊپٽي ڪمشنر ملير سان ايجوڪيشن سٽي جي انتظامي ۽ ترقياتي معاملن، ملير ۾ قبرستانن لاءِ نئين زمين جي فراهمي، زمينن جي لِيز جا مسئلا ۽ گوٺن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ جهڙن عوامي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهن مسئلن جي مستقل ۽ عملي حل لاءِ انتظاميه ۽ عوامي نمائندن ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، جڏهن ته لاڳاپيل کاتن کي هنن معاملن تي تيزي سان اڳڀرائي لاءِ هدايتون جاري ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو۔ذريعن موجب گڏجاڻي سٺي ماحول ۾ مڪمل ٿي ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته عوامي مفاد جي اهم فيصلن تي جلد عمل ڪيو ويندو۔