سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جي عظيم صوفي شاعر حمل فقير لغاري جو 151هون عرس ملهايو ويو

ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن شهمير خان ڀٽو عرس جو افتتاح ڪيو

سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جي عظيم صوفي شاعر حمل فقير لغاري جو 151هون عرس ملهايو ويو

سڪرنڊ (رپورٽر)سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جي عظيم صوفي شاعر حمل فقير لغاري جو 151هون عرس مبارڪ جوش و خروش سان ملهايو ويو، جنهن جو افتتاح ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن شهمير خان ڀٽو گڏيل طور تي ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ حاجي علي نوز چانڊيو، غلام شاهه لغاري، محمد صالح ڪيريو، امام الدين جلباڻي سميت ڪيترن ئي معززن شرڪت ڪئي. تقريب دوران مهمانن کي روايتي لنگي، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا. ٻه ڏينهن جاري رهندڙ ميلي ۾ لائيو اسٽاڪ، دستڪاري، خوراڪ، ۽ ثقافتي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا، جن جي منتظمين کي پڻ اجرڪ ۽ هار پائي عزت افزائي ڪئي وئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي مهمانن چيو ته سنڌ صوفين، شاعرن ۽ عارفن جي ڌرتي رهي آهي، حمل فقير لغاري پڻ انهن مان هڪ آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ صوفياڻو رنگ، امن، محبت ۽ انسانيت جو پيغام آهي. هنن چيو ته اسان ثقافت کاتي جا ٿورائتا آهيون، پر حمل فقير جو ميلو، جيڪو اڳ سنڌ سطح تي ٿيندو هو، ان کي ٻيهر صوبائي ۽ قومي سطح تي منظم ڪرڻ گهرجي.هنن وڌيڪ چيو ته جيئن بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ جي قيادت ڀٽائي ۽ قلندر جي ميلي ۾ شرڪت ڪندي آهي، تيئن حمل فقير لغاري جي ميلي ۾ پڻ شرڪت ڪري، ان جي قدرداني ڪري.تقريب ۾ غلام عباس مگسي، نصرالله ملاح، ڊاڪٽر برڪت لاکو، اعجاز لغاري، اسامه لغاري، مراد علي ملاح، عبداللطيف لغاري، عبدالله شيخ ۽ سڪرنڊ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري غلام حيدر سولنگي سميت وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا.