ايوان صحافت جي ميمبر زاهد شيخ تي سول اسپتال ٺٽو جي سيڪيورٽي انچارج جي مبينا تشدد جي مذمت
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ايوان صحافت ٺٽو جي ميمبر زاهد شيخ مٿان سول اسپتال ٺٽو ۾ ڪوريج دوران پرائيويٽ سڪيورٽي انچارج طرفان ٿيل حملي بابت جرنلسٽس يونين حيدرآباد يونٽ ٺٽو جي شڪايت تي ايس ايس پي ٺٽو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي سٽي وحيد لاڙڪ کي انڪوائري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي صحافين طرفان فوري حملو ڪندڙ سڪيورٽي انچارج مٿان ڪيس داخل ڪرن جو مطالبو يونين آف جرنلسٽس حيدرآباد جي يونٽ ٺٽو جي صدر شبير ڀٽي نائب صدر اڪبر دلواڻي جنرل سڪريٽري بلاول سمون خزانچي اي بي شورو سميت جرنلسٽس حيدرآباد يونين جي يونٽ ٺٽو جي ايگزيڪيوٽي ڪميٽي جي ميمبرن نظير قريشي تازه گل دراني توڙي ٻين عهديدارن سميت مختلف پريس ڪلبن جي صحافين عبدالحميد چنڊ مختيار جان چانڊيو زاهد امير جوکيو حاجن نوتيار نثار گندرو ٻين صحافين جي موجودگي ۾ عوامي پريس ڪلب جي اڱڻ ۾ هڪ اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ جرنلسٽس يونين آف حيدرآباد يونٽ ٺٽو جي عهديدارن سميت صحافين سخت مذمت ڪندي قانوني رستو اختيار ڪرڻ تي اعتماد ڪيو شبير ڀٽي بلاول سمون اڪبر دلواڻي اي بي شورو سميت تمام صحافي برادري چيو ته زاهد شيخ هڪ صحافي جي حثيت سان سول اسپتال ٺٽو جي شعبه گائني وارڊ وٽ اڄ صبح ڳورهاري عورت جو اسپتال جي وارڊ ۾ اعلاج نه ٿيڻ سبب ڳورهاري عورت جي ڊليوري اسپتال جي وارڊ کان ٻاهر ڦٽ پاٿ تي ٿي ڪيتري دير تائين عورت ڦٽ پاٿ تي تڙپندي رهي اهڙي معاملي جي ڪوريج ڪرڻ دوران پرائيويٽ سڪيورٽي انچارج سندس مٿان بلاجواز حملو ڪري ڏنو کيس پرتشدد جو نشانو بڻايو کائنس مبائيل فون ۽ ٽي وي لوگو پڻ کسي ورتو جيڪو صحافي مٿان حملو ڪرڻ مظلوم ماڻهن جي اسپتال ۾ داد رسي کي روڪڻ جي ڪوشش آهي صحافي کان سندس مبائيل فون لوگو ڦرڻ سنڌو سنئون بدمائشي آهي هنن چيو ته اسان اهڙي عمل ڪندڙ سڪيورٽي انچارج خلاف سخت قدم کڻي سندس مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويندو
0 تبصرے