ساهتي جي اڀرندڙ شخصيت سيد محمد عاقل شاھ

سيد جاني شاھ

ساهتي جي اڀرندڙ شخصيت سيد محمد عاقل شاھ

سنڌ پرڳڻي جي تواريخي شھر ھالاڻي ۾ ڪيترن ئي عظيم انسانن جو جنم ٿيو آھي، جن ۾ لڪياري سادات گھراڻو برصغير ۾ وڏي اهميت رکندڙ رهيو آهي، انهي سادات گهراڻي جي معزز ۽ معتبر شخصيت ننڊ کنڊ جو مفتي اعظم سيد محمد عاقل شاھ لڪياري رح پڻ هڪ هو، جنهن جي خاندان ۾ وڏا عالم دين، بزرگ اوليائن ۽ ملڪي سطح جي سياستدان جنم ورتو آھي ۽ هو ھميشه سنڌ ڌرتي سان ئي گڏ بيٺا رھيا آھن، انھي خاندان جي چشم و چراخ پير آف هالاڻي سيد ابرار علي شاھ جي گهر ۾ 24 نومبر 1999ع تي هڪ شهزادي جنم ورتو، جنهن جو ڇٺي تي سندس والدين نالو پنهنجي خاندان جي انهي عظيم هستي پٺيان سيد محمد عاقل شاھ رکيو، ھن شهزادي جي جنم کانپوء ته ڄڻ ھالاڻي شهر جا ڀاڳ ئي کلي پيا، وڏي وقت کان بعد سندس گھراڻو اقتدار ۾ پھتو. انھي عظيم هستي نالي جو ڀرم پڻ سيد محمد عاقل شاھ سٺي انداز سان رکندو پيو اچي، ڇاڪاڻ ته سيد محمد عاقل شاھ جو تعلق سياستدان سان گڏوگڏ مذھبي گھراڻي رهيو آھي، سيد محمد عاقل شاھ جو والد موجوده وقت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ايم اين اي ۽ هو پاڻ ٽائون ڪاميٽي هالاڻي جا وائيس چيئرمين آهن. سيد محمد عاقل شاھ پنھنجي سياست جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي نوشھرو فيروز جي ضلعي نائب صدر واري عهدي ملڻ کان ڪئي، انھي کانپوء ضلعي ۾ پارٽي جي سرگرم اڳواڻ طور هو اڀري سامهون آيو، سندس جو سهڻو ڪم ڏسي، هن سلڇڻي نوجوان کي مرڪزي قيادت تعلقي محرابپور جي صدارت واري اهم ذميواري پڻ سونپي جيڪا به هو سهڻي انداز سان بڀائيندو پيو اچي، پارٽي پروگرام هجن يا سماجي ڪم ڪار پر هي کاهوڙي اڳواڻ هميشه اڳڀرو رهندي نظر ايندو آهي. پاڻ هميشه اقتدار هجي يا نه پر وڏڙن جيان هميشه علائقي واسين جو سھارو بڻيل هوندا آھن، اڄ جي هن دور ۾ به ضلعي جي سڀ کان وڏي عوامي ھائوس طور مقبوليت ماڻيندڙ سيد عاقل شاھ ھائوس ھر وقت کليل رهي ٿو، جتي سندس والد ايم اين اي جي غير موجودگي ۾ عوام جا مسئلا هو پاڻ ئي سنجيدگي سان ٻڌي انهن کي فوري طور حل ڪرائڻ لاء ڪوششون وٺي ٿو، جيڪو سندس وڏڙن جي تربيت جو ئي اثر آهي، اهو ئي سبب آهي جو سيد محمد عاقل شاھ ( دوئم ) سابق صوبائي وزير سيد منظور حسين شاھ، سيد ابرار علي شاھ جيان هو تڪ جي ماڻهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه پيو ڇڏي، سندن بنگلو اڄ به جهر جهنگ مشهور آهي جتي هر مهمان جو شاندار مهمان نوازي ٿيندي آهي، جنهن سلسلي کي پاڻ پنهنجي بزرگن جيان قائم دائم رکيو اچي، اھڙيون خوبصورت خاصيتون باصلاحيت اڳواڻن ۾ ئي ھونديون آھن، ھن جي صلاحيتن جو انداز ان وقت لڳائي سگھجي ٿو، جڏھن پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ نوشھروفيروز واري جلسي ۾ آيو، جتي ھن پارٽي چيئرمين کان اھا گھر ڪئي ته نوشھرو فيروز ضلعو تعليم جي حوالي سان پٺتي پيل آھي، جنهن ڪري ان کي ميڊيڪل ڪاليج يا يونيورسٽي ڏني وڃي، جيئن ھن تعليمي دور ۾ ھتان جا نوجوان پنھنجو مستقبل سنواري ملڪ لاء بھتر ڪردار ادا ڪري سگھن، ان وقت پارٽي جا اڳواڻ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي تعريف ۾ مصروف ھئا پر ھن عوام جي ترجماني ڪندي پارٽي چيئرمين کي اھم معاملي طرف توجھ ڏياريو، ان وقت سيد عاقل شاھ ضلعي جي قدآور شخصيت بڻيو ۽ ھڪ اھم اڳواڻ طور سامھون آيو، ننڍي عمر ۾ وڏو حوصلو رکندڙ جبلن کان به وڏا ارادا رکندڙ سيد محمد عاقل شاھ به انھن بھادر انسانن مان آھي، جن ھميشه عوام لاء اڳيان ٿي عوامي مفاد ۽ سماج خاطر پنھنجي زندگي وقف ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو انھن عظيم ڪردارن جي ساراه ھر تاريخ جي انھن ورقن ۾ سمائجي وڃي ٿي جن کي اڄ به اسان بھترين لفظن ۾ ياد ڪندي انھن کي ڀيٺا پيش ڪيون ٿا، 27 سالا سيد محمد عاقل شاھ پنھنجي والد ايم اين اي پير آف ھالاڻي سيد ابرار علي شاھ جو ڏکي مھل جو اھو ساٿي به آھي جنھن سدائين پنھنجي والد جي پريشانين ۽ مصيبتن مشڪلن کي کلندي ئي دور ڪيو آھي، ھي سھڻو گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ برادري توڙي پاڙي وارن لاء به مسياحي ڪردار آھي، ھر رشتي کان الڳ ٿي ڪري پھريان انسانيت کي اھميت ڏيندو آھي، اھڙا نوجوان سنڌ جي سٺي مستقبل جي ضمانت ڏيندا آهن، جيڪي پنھنجي انا کي ختم ڪري علائقي جي ڀلائي لاء هميشه سوچيندا رهن ٿا ۽ غريب بيوس لاچار ماڻھن جو آواز بڻجي عوام جي ترجماني ڪندا رهن ٿا، ھن نوجوان جي سياسي تربيت ۾ لاھ چاڙھا به تمام وڏا آيا آھن، سندس تربيت ۾ ڪس کائڻ ۽ نياز نوڙت، پنھنجائپ وارو ڪردار آهي، اڪثر وڏين فيملين جا اھڙا نوجوان ملڪ کان ٻاھر پنھنجي جواني گهمڻ فرڻ ۾ پوري ڪري پيري ۾ واپس اچي سياست جا مزا ماڻيندا آھن، ھي سھڻو نوجوان اڪثر ماڻھن جي غمن ۾ ڏٺو ويو آھي، غريبن جي تڏن تي ٽائيم تي پھچي ويندو آهي، انھن جي ڏکن سورن کي پنھنجو ڪري انھن ڏکايل ماڻھن سان سمائجي وڃي ٿو، سندس اهڙي ڪردار مان چٽي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو اڳتي ھلي ملڪ جي ترقي لاء اھم ڪردار ادا ڪندو، اڄ سيد محمد عاقل شاھ جو جنم ڏينھن آھي، ڪائنات جي مالڪ کان اھا ئي دعا آھي ته ھميشه سيد محمد عاقل شاھ جھڙا ڪردار آباد ۽ سدائين شاد هجن. مرڪندا رھن، (آمين)