عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت پاران هارين ۽ آبادگارن لاءِ ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي مالي سهائتا بابت آگاهي سيمينار پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس، وهرو شريف عمرڪوٽ ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ عمرڪوٽ جي آبادگار تنظيمن، هارين، سياسي اڳواڻن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ ضلعي عمرڪوٽ جي زراعت کاتي جا آفيسر ۽ ضلعي انتظاميه جا عملدار پڻ موجود هئا، جن هاري ڪارڊ ۽ مالي سهائتا جي حڪومتي پاليسي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، مقررین چيو ته 1 کان 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين کي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي سهائتا جديد شفاف طريقي سان فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي اڳواڻن اهو به ٻڌايو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو 58هون يومِ تاسيس 30 نومبر تي ضلع هيڊڪوارٽر عمرڪوٽ ۾ شاندار نموني ملهائڻ جا انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن، سيمينار جي ميزباني ڪندڙ اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر سيد نور علي شاه صدر پ پ پ ضلع عمرڪوٽ، برهان الدين ڪنڀر سينيئر نائب صدر، صوفي نواز سومرو جنرل سيڪريٽري ۽ گهنشام داس انفارميشن سيڪريٽري.ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال ميگهواڙ.ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حبيب الله آريسر. ميان نور محمد ولھاري.تلقہ پٿورو صدر. سيد علي شير شاھ سينيئر نائب صدر.شاھنواز جوڻيجو تعلقه ڪنري صدر. امين پلي تلقہ صدر عمرڪوٽ واحد بخش سمون ھاري ڪميٽي صدر ضلع عمرڪوٽ. گلزار ڪنڀار ليڊر ونگ صدر ضلع عمرڪوٽ.ڏاتر بخش سينھڙو.عباس علي رند .تلڇا رام ميگهواڙ .چيتن گوئل.ڪانجي ميگهواڙ. موتي رام ميگھاڻي. وڪيل ڌنيش ڪمار ڀيل ۽ ٻيا شامل هئا.
0 تبصرے