English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ غريبن لاءِ ايمرجنسي ڪارنر جو افتتاح
272 views
|
21st Nov 2025
•
سنڌي خبرون
العباس ميڊيڪل سينٽر عمرڪوٽ ۾ افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊولپمينٽ اينڊ انوويشن جي تعاون سان العباس ميڊيڪل سينٽر ۾ غريب ۽ مستحق مريضن لاءِ ايمرجنسي ڪارنر جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن بعد هڪ پروقار افتتاحي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ سي اي او انجنيئر محمد مشتاق راٺوڙ، ناليوارو اديب ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر عبدالرؤف سومرو، ڊاڪٽر انور علي ڪوٽڙيو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر منظور ڪنڀر سميت سول سوسائٽي جا ميمبرز ۽ العباس ميڊيڪل سينٽر جو اسٽاف وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، پروگرام کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ادارو سنڌ جي ڳوٺن ۽ مسڪين ماروئڙن لاءِ تعليم، صحت، موسمياتي تبديلي، يوٿ امپاورمينٽ ۽ واش تي سرگرمي سان ڪم ڪري رهيو آهي، هن وقت هر ماڻهون معاشي ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي ۾ مستحقن لاءِ صحت جي سهولت فراهم ڪرڻ وڏي نيڪي آهي، پروفيسر عبدالرؤف سومرو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ادارا تڏهن ئي ترقي ڪندا آهن جڏهن انهن سان حساس دل ماڻهون جُڙندا آهن، هن چيو ته سنڌ جو غريب ماڻھون علاج نه ملڻ سبب يا ته معذور ٿي ويندو آهي يا زندگي جي جنگ هاري ويهندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ هي قدم وڏي سهائتا ثابت ٿيندو، ڊاڪٽر انور علي ڪوٽڙيو ٻڌايو ته تنظيم گذريل ڇهن مهينن دوران تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي مسئلن تي آگاهي مهمون هلائي مستحق ماڻهن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر منظور ڪنڀر چيو ته مستحق مريضن لاءِ رجسٽريشن فارم رکيو ويو آهي، جنهن جي بنياد تي انهن کي پنجاهه سيڪڙو رعايت فراهم ڪئي ويندي، تقريب جي پڄاڻي تي مهمانن اداري جي خدمتن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ به اهڙيون فلاحي سرگرميون جاري رهنديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
تعليم ۽ صحت سميت متعدّد شعبن ۾ خدمتن جي عزم جو اظهار
0 تبصرے