عمرڪوٽ ۾ غريبن لاءِ ايمرجنسي ڪارنر جو افتتاح

العباس ميڊيڪل سينٽر عمرڪوٽ ۾ افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي

عمرڪوٽ ۾ غريبن لاءِ ايمرجنسي ڪارنر جو افتتاح

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊولپمينٽ اينڊ انوويشن جي تعاون سان العباس ميڊيڪل سينٽر ۾ غريب ۽ مستحق مريضن لاءِ ايمرجنسي ڪارنر جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن بعد هڪ پروقار افتتاحي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ سي اي او انجنيئر محمد مشتاق راٺوڙ، ناليوارو اديب ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر عبدالرؤف سومرو، ڊاڪٽر انور علي ڪوٽڙيو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر منظور ڪنڀر سميت سول سوسائٽي جا ميمبرز ۽ العباس ميڊيڪل سينٽر جو اسٽاف وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، پروگرام کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ادارو سنڌ جي ڳوٺن ۽ مسڪين ماروئڙن لاءِ تعليم، صحت، موسمياتي تبديلي، يوٿ امپاورمينٽ ۽ واش تي سرگرمي سان ڪم ڪري رهيو آهي، هن وقت هر ماڻهون معاشي ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي ۾ مستحقن لاءِ صحت جي سهولت فراهم ڪرڻ وڏي نيڪي آهي، پروفيسر عبدالرؤف سومرو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ادارا تڏهن ئي ترقي ڪندا آهن جڏهن انهن سان حساس دل ماڻهون جُڙندا آهن، هن چيو ته سنڌ جو غريب ماڻھون علاج نه ملڻ سبب يا ته معذور ٿي ويندو آهي يا زندگي جي جنگ هاري ويهندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ هي قدم وڏي سهائتا ثابت ٿيندو، ڊاڪٽر انور علي ڪوٽڙيو ٻڌايو ته تنظيم گذريل ڇهن مهينن دوران تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي مسئلن تي آگاهي مهمون هلائي مستحق ماڻهن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر منظور ڪنڀر چيو ته مستحق مريضن لاءِ رجسٽريشن فارم رکيو ويو آهي، جنهن جي بنياد تي انهن کي پنجاهه سيڪڙو رعايت فراهم ڪئي ويندي، تقريب جي پڄاڻي تي مهمانن اداري جي خدمتن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ به اهڙيون فلاحي سرگرميون جاري رهنديون.