English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ 27هين ترميم خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
80 views
|
21st Nov 2025
•
سنڌي خبرون
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
نوشهروفيروز (ڊر) 27هين آئيني ترميم خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو تفصيل موجب: نوشهرو فيروز ۾ تحريڪ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي مهر علي وسطڙو، فرمان نول، خادم سيال، طالب مبيجو۔ جسقم اڳواڻ اسد عمراڻي۔ سجاد ڀٽي ۽ ٻين ڪئي. مظاهري دوران اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۾ لاڳو ڪيل 26هين ۽ 27هين سميت سڀني غير آئيني ترميمن جي ڀرپور مزاحمت ڪندا. انهن زور ڏنو ته آئينِ پاڪستان کي 40 واري قرارداد مطابق ان جي اصل روح ۽ حقيقي شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي، ڇو ته هي معاملو ملڪ جي وسيع مفاد سان تعلق رکي ٿو. انهن وڌيڪ چيو ته 27هين ترميم کانپوءِ عدالتون ڪينگرو ڪورٽن کان به بدتر ٿي ويون آهن ۽ پارليامينٽ سپريميسي هيٺ اچي وئي آهي. سنڌ حڪومت قلم 144 ذريعي خوف جي فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا عدلي نظام جي آزادي تي اثرانداز ٿئي ٿي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا اڳواڻن چيو ته اهي 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کي سول مارشل سمجهن ٿا ۽ پاڪستان جي آئين جي وقار ۽ اصل روح جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Dec 2025
•
سندھ
بحریہ ٹاؤن کے قریب کار ٹریلر سے ٹکرا گئی، ایک ہی خاندان کے 3 افراد جاں بحق، 1 زخمی
12th Dec 2025
•
پاکستان
نادرا کی جانب سے پیدائش، موت، شادی اور طلاق کی آن لائن رجسٹریشن کے لیے ایپ متعارف
12th Dec 2025
•
سندھ
سندھ اسمبلی اجلاس: اسپیکر نے صوبائی ترجمان سمعتا افضال کو ڈانٹا
12th Dec 2025
•
سندھ
پارس بکہرانی اور ظہور سومرو کے لیے سول ایوارڈ کا اعلان
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڄام واهه جي ڳوٺ عرس جاکرو واسي عورتن جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف پوليس پاران 47ڪلو چرس هٿ ڪري ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي
0 تبصرے