English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: اسٽيل ٽائون جي يو سي چيئرمين رضا جتوئي جي گهر مان 40 لک کان وڌيڪ جي چوري
125 views
|
21st Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گهرڀاتين جي غيرموجودگي ۾ جوابدار گهر مان 40 لک رپريا روڪ، سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي ويا: متاثر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يو سي اسٽيل ٽائون جي چيئرمين رضا جتوئي جي گهر ۾ ڌاڙي جي واردات ان وقت پيش آئي جڏھن هو ۽ سندس گهروارا گهر ۾ موجود نه هئا۔ نامعلوم هٿياربند ماڻهو گهر جي پوئين حصي مان اندر گهڙي لکين رپين جي روڪ رقم، سون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا مليل ڄاڻ موجب رضا جتوئي ۽ سندس فيملي ڪنهن ڪم سلسلي ۾ گهر کان ٻاهر ويا هئا، جنهن دوران سج لهڻ شرط نامعلوم چور گهر جي عقبي ديوار ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ سمورو گهر ڇنڊي 40 لک رپيا نقد، سونا زيور ۽ ٻي قيمتي شيون گڏ ڪري فرار ٿي ويا واردات جي خبر تڏهن پئي جڏهن گهروارا واپس گهر پهتا ته ڪمرا ٽٽل تالن سان، سامان اڇلايل حالت ۾ مليو۔ واقعي جي فوري اطلاع پوليس کي ڏني وئي، جنهن پهچي جڳهه جو جائزو ورتو ۽ فنگر پرنٽس سميت اهم شاهديون گڏ ڪيون۔ پوليس جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو واردات ڪنهن منظم ٽولي طرفان ڪئي وئي آهي، جيڪا گهڻي وقت کان گهر جي نگراني ڪري رهي هئي۔ علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج حاصل ڪرڻ جو عمل پڻ جاري آهي، جيئن جوابدارن جي سڃاڻپ ممڪن بڻجي سگهي چيئرمين رضا جتوئي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واردات ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري لٽيل سامان برآمد ڪيو وڃي، ڇو ته علائقي ۾ وڌندڙ ڏوهاري ڪاررواين سبب رهواسين ۾ سخت خوف ۽ بي چيني پيدا ٿي وئي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير: اسٽيل ٽائون جي يو سي چيئرمين رضا جتوئي
0 تبصرے