بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز شھيد بينظير آباد ۾ ڪنوينشن جي پڄاڻي تي تقريب منعقد

ٻن ڏينهن واري ڪنوينشن ۾ ملڪ جي 17 ڪيڊٽ ڪاليجن ۽ پبلڪ اسڪولن جي پرنسپالز شرڪت ڪئي

بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز شھيد بينظير آباد ۾ ڪنوينشن جي پڄاڻي تي تقريب منعقد

نوابشاھ (ڊ ر) بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز شھيد بينظير آباد ۾ ملڪ جي مختلف ڪيڊٽ ڪاليجن جي پرنسپال جي ٻن ڏينھن واري ڪنويشن جي اختتامي تقريب اڄ ڪيڊٽ ڪاليج جي جناح آڊيٽوريم ھال ۾ منعقد ٿي. تقريب جا خاص مهمان صوبائي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ نديم رحمان ميمڻ ھئا، جڏھن ته ڪنوينشن ۾ ملڪ جي 17 ڪيڊٽ ڪاليجن ۽ پبلڪ اسڪولن جي پرنسپالز شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڪاليج جي ڪيڊٽس طرفان مهمانِ خاص سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن نديم رحمان ميمڻ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪاليج ايجوڪيشن نديم رحمان ميمڻ چيو ته ملڪ جي مستقبل جي اڳواڻن جي تياري ۾ ڪيڊٽ ڪاليجن جو ڪردار انتهائي اھم آھي، جڏھن⁠ ته قوم جي مستقبل جي معمارن کي بھتر تعليم ۽ تربيت ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي مختلف ڪيڊٽ ڪاليجن جي پرنسپالن جي ڪنويشن ۾ شرڪت قابلِ تعريف آھي، جيڪا قومي يڪجهتي ۽ تعليمي بھتري لاءِ وڏي اھميت رکي ٿي.صوبائي سيڪريٽري تعليم کاتي طرفان سنڌ جي سمورن ڪيڊٽ ڪاليجن ۽ پبلڪ اسڪولن جي بھتري لاءِ تعاون جاري رکڻ جو پڻ يقين ڏياريو. ھن بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز شھيد بينظير آباد جي تعليمي معيار کي ساراهيو ۽ ڪاليج جي پرنسپال پاران سڀني ڪيڊٽ ڪاليجن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.ان کان اڳ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز جي پرنسپال ڊاڪٽر فريدہ شيخ ڪاليج جي سرگرمين بابت آگاهي ڏني ۽ مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. ھن ڪيڊٽس سان مخاطب ٿيندي چيو ته هو ڪاليج مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد مسلح فوج ۾ شموليت جي ڪوشش ڪن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن.پرنسپل ڪنويشن ۾ پرنسپل ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل بريگيڊيئر (ر) ثاقب رشيد احمد خان، ڪيڊٽ ڪاليج مري جي پرنسپل اِيئر ڪموڊور عامر سرور، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جا پرنسپل بريگيڊيئر (ر) غلام رضا، ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ جي پرنسپل ڪموڊور ذيشان علي، ڪيڊٽ ڪاليج خيرپور جي پرنسپل ڪرنل (ر) عامر حيات خان، ڪيڊٽ ڪاليج ملير جي پرنسپل خزيمه گوهر صديقي، ڪيڊٽ ڪاليج اوڪاڙا جي پرنسپل پروفيسر عامر رؤف، ڪيڊٽ ڪاليج بدين جي پرنسپل ڪيپٽن فيصل محمود، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي پرنسپل محمد اقبال ميمڻ، پبلڪ اسڪول ميرپورخاص جي پرنسپل عمران احمد لاڙڪ، پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچي جي پرنسپل ڊاڪٽر شھاب الدين ميمڻ ۽ ڪيڊٽ ڪاليج گرلز لاڙڪاڻو جي پرنسپل سليم رضا چوڌري شرڪت ڪئي.ان موقعي تي بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال ڪيڊٽ ڪاليج جي بھتري، سيڪيورٽي انتظامن جي بھتري، ڊجيٽل تعليم ۽ مصنوعي ذهانت (AI) جي طريقن کي اختيار ڪرڻ بابت قرار داد پيش ڪئي، جيڪا سڀني ڪيڊٽ ڪاليجن جي پرنسپالن منظور ڪئي.بعد ۾ سيڪريٽري ڪاليجز نديم رحمان ميمڻ ۽ ٻين مهمانن ڪاليج جي پارڪ ۾ وڻ پڻ لڳايا. ان موقعي تي بورڊ جي ميمبر مير محمد سيال، چيئرمين تعليمي بورڊ شھيد بينظير آباد ڊاڪٽر آصف ميمڻ، ڊائريڪٽر انفارميشن محمد موسى گوندل، ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر سليمان سيال، ميئر ميونسپل ڪارپوريشن قاضي رشيد ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز قمرالدين ڪيريو ۽ بورڊ آف گورنرز جا ٻيا ميمبر پڻ موجود ھئا۔