ميرٽ جو قتل، PST ۽ JEST نوجوانن تي ظلم جو داستان!

تحرير: آفتاب عالم مھر

ميرٽ جو قتل، PST ۽ JEST نوجوانن تي ظلم جو داستان!

سنڌ جي تعليمي نظام ۾ نوجوانن جي محنت ۽ محنت سان حاصل ڪيل حقن کي نظرانداز ڪرڻ جو معاملو هڪ اهڙو تاريخي ۽ سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي، جيڪو 2021 کان وٺي 2025 تائين مسلسل جاري آهي. 2021 ۾ سنڌ حڪومت PST ۽ JEST جون ڀرتيون IBA سکر کي ڏنيون ۽ آءِ بي اي شفاف ٽيسٽون ڪرائي هزارين نوجوانن کي 40+ مارڪن سان پاس قرار ڏنو، جيڪي مڪمل طور ميرٽ تي پاس آھن. پر افسوس جو اڃان تائين 8000 ھزار نوجوانن کي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو ۽ اڃا تائين ڪنهن به سرڪاري پاليسي يا عمل سان انهن جي حقن کي بحال نه ڪيو ويو آهي. هزارين نوجوانن، جن سنڌ جي تعليم جي مستقبل لاءِ زندگي جو بهترين حصو وقف ڪري ڇڏيو، اڄ تائين ڪراچي پريس ڪلب تي سراپا احتجاج بڻيل آهن. ۽ انهن کي اڃان تائين پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق حاصل نه ٿي سگهيو آهي.
سنڌ ۾ پهرين به هزارين استاد رٽائر ٿي چڪا هئا ۽ ڪيترائي اسڪول بند پڻ پيل هئا، تنهن هوندي به ويٽنگ لسٽ ۾ شامل اميدوار نظرانداز ڪيا ويا. نوجوانن پنهنجي علم ۽ محنت سان ٽيسٽ پاس ڪئي، پر حڪومت طرفان ڪا به حقيقي پيش رفت نه ڏني وئي. ڪيتريون ئي پريس ڪانفرنسون، سوشل ميڊيا مهمون، درخواستون ۽ پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا، پر 2022 ۽ 2023 دوران به اسڪول بند ۽ تعليم جي صورتحال ۾ بهتري نه آئي، ۽ نوجوانن جي مايوسي وڌندي وئي. هزارين اسڪول ون ٽيچر اسڪول بڻجي ويا، 70 هزارين ٻار تعليم کان محروم ٿيا، پر تنهن هوندي به ميرٽ تي پاس نوجوان روزگار کان محروم رهيا.
2023 کان 2024 دوران نوجوانن هڪ غيرمعمولي احتجاجي جدوجهد شروع ڪئي، جنهن ۾ عورتون ۽ مرد اميدوار، سخت گرمي، سيارو، برسات ۽ رمضان جي مهينن ۾ به 151 ڏينهن کان وڌيڪ مسلسل احتجاج ڪندا رهيا. ڪراچي کان اسلام آباد تائين پيادل مارچ ڪيو، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ تعليمي تحريڪن ۾ سڀ کان ڊگهو احتجاج ۽ اهم سرگرمي آهي. پر افسوس جو انهن پرامن احتجاجن کي پوليس پاران ڪيترن هنڌن تي شيلنگ، لٺبازي ۽ گرفتارين جو نشانو بڻايو ويو، ايتري قدر جو عورت اميدوارن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن سوال اٿاريو ته ڇا حق گهرڻ ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ بغاوت آهي؟ ڇا نوجوانن جو حق آئيني طور محفوظ نه آهي؟ ڇا ھي جمھوريت آهي يا سياسي آمريت؟
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوجوانن پنهنجي دانهن پيش ڪئي ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور واضع طور حڪم جاري ڪيو ته PST ۽ JEST +40 ويٽنگ اميدوارن کي جنگي بنيادن تي ڀرتي ڪيو وڃي. عدالتي حڪم صاف، قانوني ۽ حتمي هو، پر افسوس جو سنڌ حڪومت ان عدالتي حڪمن تي به عمل نه ڪيو. ڪابينا پڻ 40+ ويٽنگ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي چڪي هئي، پر ان باوجود اڄ به 8000 ھزار کان وڌيڪ نوجوان در بدر آهن، آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ هڪ وڏي انتظامي ناانصافي ۽ نوجوانن سان ظلم آهي.
2021 کان 2025 تائين سڄي سنڌ ۾ شڪارپور، خيرپور، سکر، گھوٽڪي، لاڙڪاڻو، قمبر شهداڪوٽ ۽ حيدرآباد سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ احتجاج، ريليون، پريس ڪانفرنسون ۽ سوشل ميڊيا مهمون جاري رھيون، پر حڪومت ۽ ايجوڪيشن کاتي جي ڪن تي جونءَ به نه چري. هزارين رٽائرمينٽون ۽ خالي سيٽون قانوني طور PST ۽ JEST +40 ويٽنگ اميدوارن جو حق آهن، پر انهن کي نوڪري کان محروم رکيو ويو۔ 2025 ۾ ارلي رٽائرمينٽ تحت سنڌ ۾ وڌيڪ 20,000 جايون خالي ٿيون، پر انهن تي به 8000 ميرٽ پاس نوجوانن کي اڃا تائين نظرانداز ڪيو ويو.
تعليم واري وزير سردار شاھ پنهنجي تڪ کي ھارڊ ايريا قرار ڏئي 32 مارڪن وارن فيل اميدوارن کي “1 گريس مارڪ” ڏئي 33 تي پاس ڪيو، جڏهن ته پاسنگ مارکس 40 ھيون، جنهن سان 19,500 فيل اميدوار ڀرتي ڪيا، پر سڄي سنڌ جا 8000+ مڪمل ميرٽ تي پاس 40 کان 50 مارڪون حاصل ڪندڙ نوجوان مڪمل طور نظرانداز ڪيا ويا. هي عمل مڪمل طور سياسي، غيرقانوني ۽ ميرٽ جي لتاڙ هو. STR Policy تحت پڻ ھر ضلعي ۾ ڀرتيون ڪيون ويون، پر ضلعي شڪارپور ۾ آءِ-بي-اي ويٽنگ اميدوارن کي نظرانداز ڪيو ويو، جتي STR تحت ھزارين جايون خالي پيل ھيون ۽ اميدوار تمام گهٽ هئا. نوجوانن جي نفسياتي ۽ سماجي صورتحال پڻ انتهائي خطرناڪ آهي. ڪيترائي ڊپريشن ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار آهن، ڪجھ اميدوارن خودڪشي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، خاندان معاشي تنگدستي ۽ مايوسي سبب ٽٽڻ لڳا آهن، ۽ زندگيءَ جا قيمتي سال ضايع ٿي رهيا آهن. 70 هزار ٻار اڃان تائين تعليم کان محروم آهن ۽ سوين اسڪول بند پيا آهن، جڏهن ته 40+ ويٽنگ اميدوار مڪمل طور تيار آهن، پر کين نوڪري ڏيڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي.
اڄ وقت جي تقاضا آهي ته PST ۽ JEST +40 ويٽنگ اميدوارن کي فوراً آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن، رٽائر ٿيل استادن ۽ خالي ٿيل 20,000 سيٽن تي ويٽنگ اميدوار نوجوانن کي ڀرتي ڪيو وڃي، عدالتي حڪمن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي، ويٽنگ لسٽ جو ٽائيم پيرڊ وڌائي 2026 تائين ڪيو وڃي ۽ بند اسڪول کوليا وڃن ته جيئن سنڌ جي تعليم کي بچايو وڃي. نوجوانن کي سندن آئيني، قانوني ۽ انساني حق ڏيڻ لازمي آهي، ڇو ته ميرٽ تي پاس ٿيڻ ۽ نوڪري لاءِ جدوجهد ڪرڻ ڪو جرم ناهي، ۽ پرامن احتجاج لاءِ ڪوبه نقصانڪار نتيجو نه ٿيڻ گهرجي.
هي ڪالم سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو دستاويزي ڪيس آهي، جيڪو 2021 کان 2025 تائين تعليم، ميرٽ، عدالت ۽ سرڪاري ناانصافين جي مڪمل تصوير پيش ڪري ٿو، نوجوانن جي حقن جي جدوجهد کي روشني ۾ آڻي ٿو، ۽ حڪومتي، قانون ساز ادارن ۽ سماج کي ياد ڏياري ٿو ته انصاف، شفافيت ۽ نوجوانن جي حقن کي بحال ڪرڻ لازمي آهي۔!