وفا جو پيڪر مخدوم امين فهيم..!!

​جي آر جوڻيجو

وفا جو پيڪر مخدوم امين فهيم..!!

​”ڪيڏو سفر ڪري وياسين منزل کان پڇجو.“
​ڪي ماڻهو تاريخ تي پنهنجا اهڙا اڻ مٽ نقش ڇڏي ويندا آهن، جيڪي سدائين محبوب جي ادائن وانگر سدا ياد رهندا آهن. مخدوم امين فهيم روحاني پيشوا، سياستدان ۽ شاعر طور سنڌ جي تاريخ جو اهو روشن ڪردار آهي، جنهن کي وفا جي علمبردار طور ياد رکيو ويندو. تاريخ جي مٽيءَ ۾ ڪيئي ترم خان دزجي ويا جن جي ڪا ياد باقي ناهي، پر ڪي ڪردار مخدوم امين سائين وانگر اهڙا نقش ڇڏي ويندا آهن، جنهن ۾ وفائن جي دلفريب ڪٿا، همٿ، حوصلو ۽ برداشت جا پهاڙ شامل هوندا آهن. جڏهن به هن دنيا جي سمورن لذتن کي ڇڏي محبت، پنهنجائپ ۽ وفا جي ڳالهه ٿيندي، امين سائين جو نالو مَکَ تي مسڪراهٽ جيان تري ايندو. هي اهو شخص هو جنهن تخت ۽ تاجن کي ڪڏهن پنهنجي ڪمزوري نه بڻايو، پر تخت تاج هن جي اڳيان هوندا هئا. هن ڪڏهن به عهدن جي لالچ تي مڻيا ڪونه مٽي ۽ هن مارئي وانگر ڪنهن به سيڻ نه مٽايا.
​اڄ جڏهن اسين مخدوم امين فهيم صاحب جي ورسي ملهائي رهيا آهيون، تڏهن سندس ئي شاعريءَ جون سٽون ذهن ۾ گونجن ٿيون ته: ”ڪجهه گذري ويئي ڪجه گذري ويندي فهيم، صبر جي دامن کي ڪڏهن نہ داغدار ڪبو.“ سندس پوري حياتي انهن سٽن جي عملي تفسير هئي. سياست جي ڌوڙ ڀريل ميدان ۾ هن جو ڪردار شفاف شيشي وانگر بي داغ رهيو. هو صرف سياسي اڳواڻ نه هو، پر صبر جو پيڪر، وفا جو نشان، ۽ شاعريءَ جو سرتاج هو، جيڪو هن خطي جو واحد ناقابل شڪست سياستدان ثابت ٿيو.
​مخدوم صاحب پنهنجي والد، مخدوم طالب الموليٰ، جي نقش تي هلندي، 1970ع ۾ پيپلز پارٽي جو هٿ جهليو ۽ پوءِ اهو هٿ ڪڏهن به نه ڇڏيائين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان نڀايائين، ڏکئي وقت ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو هٿياربند محافظ بڻيو، ۽ جيئن پاڻ چيو ته: ”جنهن ڀٽو ۽ بينظير سان نڀايو، اهو بلاول کي ڪيئن ڇڏي سگهي ٿو؟“ سندس اها وفا سندس رڳن ۾ رت بڻجي ڊوڙندي هئي. ملڪ جي تاريخ ۾ جڏهن اقتدار صرف هڪ سڏ جي مفاصلي تي هو، جڏهن آمراڻي قوتن سندس اڳيان ملڪ جي وزيراعظم جي ڪرسي رکي، تڏهن هالا جي هن عظيم فقير منش انسان پنهنجي ضمير جو سودو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هي رڳو هڪ سياسي فيصلو نه هو، پر جمهوري قدرن تي يقين، پارٽي منشور سان محبت، ۽ قومي مفادن جي پاسداري جو اڏول اعلان هو.
​هن جي سادگي واري زندگي مخدوم نوح سرور جي درگاهه جي تعليمات جي عڪاسي ڪندي هئي، جتي مخدوم طالب المولا چيو هو ته: ”خدمت ڪرڻ جي سگهه ناهي ته مخدومي ڪا وڏي مسند ڪونهي.“ هن جا مريد ۽ عوام، نه رڳو عقيدي پر سندس ملڻ جهلڻ جي عاجزيءَ ۽ بي لوث پيار جي ڪري به سندس ويجها هئا. سياسي معرڪن ۽ جلاوطنيءَ جي ڪٺن وقتن ۾، مخدوم صاحب نه رڳو پارٽي کي ملڪ اندر سنڀاليو، پر پنهنجي سفارتي صلاحيتن وسيلي عالمي اڳواڻن سان رابطا رکي، پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي جي موقف کي دنيا ۾ مؤثر طريقي سان پيش ڪيو. هن جو ڪردار دٻاءُ هيٺ به اڏول رهيو، جيتوڻيڪ حياتيءَ جي آخري گهڙين ۾ به صحت جي تڪليفن جي باوجود، هن پارٽي ۽ ملڪي معاملن ۾ پنهنجي حاضري يقيني بڻائي.
​مخدوم صاحب جي اندر ۾ هڪ شاعر لڪل هو، جنهن جي شاعريءَ جا لفظ دردن، چاهتن ۽ وفائن سان ڀريل آهن. سندس ڪلام دل جي گهرائيءَ مان نڪتل احساسن جي ترجماني ڪري ٿو، جيڪو پڙهندڙ کي سچي محبت ۽ صبر جي تعليم ڏئي ٿو. اڄ هن جي ورسيءَ تي، اسان هن عظيم روح ۽ بي مثال سياستدان کي اهو سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن وزيراعظم جي عهدي کي وفاداريءَ لاءِ ٺڪرائي ڇڏيو، ۽ ثابت ڪيائين ته هن جي منزل رڳو عوامي دلين ۾ هئي.
​”اسان وسنديون وساري هلياسين
​هاڻ ڀلجي جي ڳوليو ته مزارن ۾ ملنداسين.“