ملير: ايف ايف سي پاران سيڪنڊري اسڪول گھگھر ۾ ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب جو افتتاح، ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ ٻيا شريڪ

تقريب دوران ايم پي اي ساجد جوکيو پاران اڍائي لک ۽ برگيڊيئر عمران شيراز پاران هڪ لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

ملير: ايف ايف سي پاران سيڪنڊري اسڪول گھگھر ۾ ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب جو افتتاح، ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ ٻيا شريڪ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايف ايف سي پاران سيڪنڊري اسڪول گھگھر ۾ ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب جو افتتاح ڪري شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي ٻارڙن وڏي اعتماد سان تقريرون ڪري ٽيبلوز پيش ڪيا، اسڪول جي مرمت لاءِ ايم اي ساجد جوکيو پاران اڍائي لک رپيا ۽ برگيڊيئر عمران شيرازي پاران هڪ لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، پروگرام ۾ اسڪول جي استادن شاگردن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ رٽائرڊ برگيڊيئر عمران شيرازي خطاب ڪندي چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، جيڪو کين اسان جو مذهب، اسان جي ملڪ جو آئين کين ڏئي ٿو، ۽ شاگردن کي گهرجي ته اهي به ڀرپور محنت ڪن پنهنجي ملڪ ۽ والدين جو نالو روشن ڪندي ترقي جا ڏاڪا چڙهي منزلون حاصل ڪن، مون ڏٺو آهي هڪ گهگهر جا شاگرد گهٽ سهولتن هوندي به وڏي محنت ۽ لگن سان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ منجهن وڏو ٽيلينٽ آهي، اسان گورنمينٽ کي گذارش ٿا ڪريون ته هن اسڪول ۾ 50 فيصد فرنيچر ڏئي باقي اسان ڪوشش ڪنداسين، رٽائرڊ ميجر ساجد چيو ته ايف ايف سي ڪمپني پاران سروي ڪرڻ دوران گهگهر جي سيڪنڊري اسڪول جي حالت رحم جوڳي هئي، اسان هتي ڪمپيوٽر ليب ۽ سائنس ليب کي اپگريڊ ڪيو آهي، اسان کي خبر پئي ته اسڪول کي اپگريڊ ڪري هاير سيڪنڊري ڪرڻ واري عمارت ڪاغذن ۾ مڪمل ٿي وئي آهي، پر هتي ته اهڙو ڪجهه به ناهي، هن چيو ته ايف ايف سي پاران ايڇ ڊي ايف سان گڏجي اسان نياڻين جي سيڪنڊري تعليم لاءِ گهگهر ۾ اسڪول جوڙيو آهي جتي علائقي جون ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، 68 ٻار ZKB ۾ اسان جي تعاون سان پڙهي رهيا آهن، اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران آهي جنهن لاءِ تمام جلد اسڪول ۾ واٽر فلٽر به لڳايو ويندو پڻ لڳايو ويندو، ايم پي اي محمد ساجد جوکيو پروگرام کي خطاب ڪندي چيو ته ٻار مستقبل جا معمار آهن ۽ وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته اڄ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان انهن ٻارڙن جي همت افزائي لاءِ انهن جي وچ ۾ موجود آهيون، هن چيو ته آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي گهگهر جي آبادي لڳ ڀڳ ساڍا ٽي لک تائين پهتل آهي اتي اسڪول سان گڏ ڪاليج جي به اشد ضرورت آهي، مون ڪجهه عرصو اڳ ٽي سي ايف انتظاميا سان ڳالھ ٻولهه ڪري انهن کي آماده ڪيو ۽ انهن گهگهر سميت ملير ۾ 42 اسڪول ڏنا آهن هاڻي خبر پئي ته ملير جا ٻار ٽي سي ايف جي تعاون سان اسلام آباد ۾ به پڙهي رهيا آهن، اسان نياڻين جي تعليم لاءِ ٽي گرلز ڪاليج ٺاهيا جيڪي ڪاٺوڙ درساڻو ڇنو ۽ گلشن حديد ۾ قائم آهن، هن چيو ته پورٽ قاسم انڊسٽريل زون آهي ۽ هتي بيروزگاري جو وڏو مسئلو آهي مون مختلف ادارن کي لکيو آهي ته مقامي ماڻهن کي روزگار ڏين، اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالرحيم ميمڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو تعداد 400 کان به وڌيڪ آهي ٿي سگهي ٿو وڌيڪ ڪلاسن جي ضرورت پوي پسگردائي مان هرسال 500 کان وڌيڪ ٻار مئٽرڪ پاس ڪري نڪرن ٿا جنهن جي ڪري علائقي ۾ هاير سيڪنڊري اسڪول جي اشد ضرورت آهي، 2010 ۾ اسڪول کي اپگريڊ ڪري هاير سيڪنڊري جو درجو ڏنو ويو پر مها ٻوڏ سبب ڪم اڌ ۾ رهجي ويو جيڪو اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته پروگرام ۾ گھگھر يوسي جي وائس چيئرمين ستار خليفو سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته اسڪول جي گرائونڊ ۾ مختلف قسمن جا ٻوٽا پڻ لڳايا ويا.