ڪڪڙ ويجهو شادي تقريب دوران فائرنگ ۾ گهوٽ جي چاچي مارجي وئي، نينگري زخمي، خوشيون ماتم ۾ تبديل

13ورهين جي ياسر ڀٽو جي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب 40ورهين جي حسينا زال محمد حسين ڀٽو مارجي وئي

ڪڪڙ ويجهو شادي تقريب دوران فائرنگ ۾ گهوٽ جي چاچي مارجي وئي، نينگري زخمي، خوشيون ماتم ۾ تبديل

ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ ٻيلو پتڻ ۾ گهوٽ علي گل ڀٽو جي شادي جي تقريب جي ميندي دوران خوشي ۾ ڪيل فائرنگ دوران ھڪ عورت مارجي وئي ۽ نينگري سخت زخمي ٿي پئي واقعي کانپوء خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ڌرين جي وارثن پاران پاڻ ۾ عزيز ھئڻ ڪري واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي ڇڏيو آھي نينگر شاگرد ياسر ڀٽو جي خوشي مان ڪيل هوائي فائرنگ سبب گولي لڳڻ ڪري گهوٽ جي چاچي 40 سالن هي عورت مسمات حسينا زال محمد محمد حسين ڀٽو مارجي وئي ، جڏهن ته فائرنگ سبب 12 سالن جي نينگري مسڪان ڀٽو پڻ زخمي ٿي پئي ، مارجي ويل عورت جي مڙس محمد حسين ڀٽو چيو ته خوشي مان منهنجي ڀائيٽي ياسر ڀٽو پاران فائرنگ ڪئي ، جنهن سبب اتفاقي گولي لڳڻ سبب منهنجي گهر واري فوت ٿي آهي ، واقعو اتفاقي قرار آهي ، ٻئي طرف قربان ڀٽو چيو ته گهر ۾ شادي تقريب هئي منهنجو معصوم 13 سالن جو پُٽَ شاگرد ياسر ڀٽو اوچتي ڪيل خوشي ۾ فائرنگ ڪئي جنهن سبب گولي لڳڻ ڪري منهنجي ڀاڄائي فوت ٿي وئي ، فائرنگ ڪندڙ پُٽَ ياسر پڻ رات کان غائب آهي ، واقعو اتفاقي آهي اسين پاڻ ۾ ويجھا عزيز رشتيدار آھيون هوڏانهن ميندي تقريب ۾ فائرنگ سبب عورتن ۽ مردن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا عورت جي فوتگي ۽ نينگري جي زخمي ٿيڻ بعد شاديءَ جون سڀئي تياريون ۽ رسمون فوري طور ملتوي ڪري خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ خوشيءَ سان ڀريل ماحول سوڳوار ڇائنجي ويو آهي. گهر ڀاتين ۽ علائقي وارن ۾ سوڳوار فضا برقرار آهي ، هوڏانهن ڪڪڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ضروري ڪاروائين لاءِ تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل ن ٿي سگھيو آھي