ايم ايس پاران وفد کي مسئلن کان آگاهه، عوام کي صحت جون سهولتون بنا فرق جي مهيا ڪيون وڃن: اڳواڻ
ڏوڪري ( اطهر ميمڻ) شھري امن ڪاميٽي ڏوڪري طرفان ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر جي اڳواڻي ۾ تعلقا اسپتال ڏوڪري جو دورو، تمام جلد ٽراما سينٽر کي فعال ڪرائڻ لاءِ ايم پي اي عادل الطاف انڙ سان ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ايم ايس پاران آيل وفد کي مسئلن کان آگاه ڪيو، عوام کي صحت جون سهولتون بنا فرق جي مهيا ڪيون وڃن، اڳواڻ. تفصيل موجب گذريل ڏينهن شهري امن ڪاميٽي ڏوڪري طرفان تعلقي اسپتال ڏوڪري جو دورو ڪيو،ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ سيد محمد پريل شاھ پاران آيل امن ڪاميٽي کي اسپتال ۾ پيش ايندڙ مسئلن بابت آگاهي ڏني، ان موقعي تي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري عبدالحمید جيسر ڏوڪري اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ سيد محمد پريل شاھ کي امن ڪاميٽي ڏوڪري طرفان شهرين کي صحت جون سهولتون بنا ڪنهن فرق جي ڏيڻ جون چيو، ان موقعي تي ڏوڪري امن ڪاميٽي جي اڳواڻن چيو ته ڏوڪري واسين جي هر ڏک سک ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، ان دوران ساڻس جميعت علماء اسلام جي اڳواڻ حافظ محمد عثمان جهتيال، جماعت اهل سنت اڳواڻ حافظ حبدار علي ڪيريو، ڪائونسلر محراب علي خاصخيلي، حبيب الله کوکر، محمد سليم واڍو، عبدالغني ابڙو، شهداد علي ميمڻ، حاڪم علي ٻرڙو سميت ٻيا گڏ هئا، ڏوڪري اسپتال انتظاميا طرفان ايم ايس سيد محمد پريل شاھ، پي پي ايڇ آءِ ايڊمنسٽريٽر روشن علي پنھور، بشير احمد ۽ ٻين پاران پاران ڏوڪري امن ڪاميٽي جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي گڏجاڻي ۾ اسپتال جي صفائي سٿرائي، مريضن جي تپاس ۽ دوائن جي کوٽ تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ طئي ڪيو ويو ته ڏوڪري جي ٽراما سينٽر کي بحال ڪرائڻ لاءِ اسپتال انتظاميا ۽ شھري امن ڪاميٽي گڏجي حد جي ايم پي اي سان ملاقات ڪرڻ جو طئي ڪيو ويو ۽ اڳتي به اھڙن گڏجاڻين جو عزم ورجايو ويو.
0 تبصرے