جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ نوازو جاگير ۾ نوجوان ناري مڙس هٿان مبينا قتل

راشد گورشاڻي پنهنجي زال 25ورهين جي حسنا کي قتل ڪرڻ بعد لاش واهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو: وارث

جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ نوازو جاگير ۾ نوجوان ناري مڙس هٿان مبينا قتل

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مڙس گهٽو ڏئي زال کي قتل ڪرڻ کان پوءِ لاش واهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نوازو جاگير ۾ جوابدار راشد گورشاڻي پنهنجي 25 ورهين جي زال حسنا کي قتل ڪيو جوابدار واردات کان پوءِ فرار ٿي ويو اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، ناري جي امڙ جو چوڻ هو ته ڌيءَ کي جوابدار مڙس ڳلو دٻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي ڌيءَ جي قتل جا ڪارڻ معلوم نه آهن پوليس موجب عورت جي قتل جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو