ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مور) ملير جي تعلقي مُراد ميمڻ ۾ غير قانوني ايل پي جي دڪانن خلاف آپريشن ڪيو ويو آهي آپريشن جي نگراني اسسٽنٽ ڪمشنر مُراد ميمڻ انيس عباسي پنهنجي ٽيم سميت ڪئي۔ڪارروائي دوران ڪيترائي غير قانوني ايل پي جي دڪان سيل ڪري بند ڪيا ويا. ضلعي انتظاميا موجب غير قانوني دڪانن مان ايل پي جي جي فراهمي نه صرف قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر اهو انساني جانين لاءِ به وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري سخت قدم کڻڻ ضروري هو۔ضلعي ملير جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته عوامي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ غير قانوني ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون. ڊپٽي ڪمشنر ملير واضح ڪيو آهي ته بغير لائسنس ۽ حفاظتي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪنهن به اداري يا دڪاندار خلاف سخت قدم کنيا ويندا۔
0 تبصرے