شڪارپور ۾ شاهه لطيف ڪاليج پاران 15 شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وئي

شاگردن کي ٽن تعليمي ادارن جي باني عَرَض مُحمد شيخ جي نالي سان منسوب اسڪالرشپ ڏني وئي

شڪارپور ۾ شاهه لطيف ڪاليج پاران 15 شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وئي

شڪارپور (احسان ابڙو )شڪارپورين پنهنجي مُحسنن جي ياد ۾ عملي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏِيا ٽن تعليمي ادارن جي باني عَرَض مُحمد شيخ جي نالي سان منسوب اسڪالرشپ شاھ لطيف ڪاليج طرفان 15 شاگردن کي ڏني وئي شهرين ڪاليج جي هن مثبت عمل کي ساراهيندي ٻين ادارن کان به مطالبو ڪيو آهي ته هو به پنهنجي باني شخصيتن جي نالي سان اهڙا شاندار قدم کڻنگورنمينٽ شاھ لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ ڪاليج جي باني، عَرَض محمد شيخ جي نالي سان منسوب اسڪالرشپ جي تقريب منعقد ٿي تقريب ۾ شاگردن جي همٿ افزائي لاءِ يارهين جماعت جي پندرهن شاگردن کي ڏهه هزار رپين واري اسڪالرشپ مان پهرين قِسط طور ٽي ٽي هزار رپيا ڏنا ويا ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر سيد عارف حسين اسڪالرشپ بابت ٻڌايو ته باني عَرَض محمد شيخ جي علمي خدمتن کي پيش نظر رکندي هڪ ننڍڙي شروعات ڪئي وئي آهي۔ شاگردن جي حاضري ۽ ڪارڪردگي کي معيار بڻائي، اهليت جي بنياد تي نوجوانن جي حوصلہ افزائي ڪئي پئي وڃي۔ هن چيو ته شاگردن کي گهرجي ته هو ڪامرس ۾ دلچسپي وٺي پنهنجو مستقبل سنوارين تقريب جي خاص مهمانن پروفيسر امتياز علي ميمڻ، پروفيسر عبيدالله ڊايو، پروفيسر صداقت علي ميمڻ ۽ ڪالم نويس ۽ شاعر پروفيسر نسيم بخاري مرحوم عَرَض محمد شيخ جي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته تعليمي ڀلائي لاءِ شروع ڪيل هي اسڪالرشپ پروگرام شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ اهم قدم آهي، جيڪو شڪارپور جي ٻين محسن شخصيتن جي نالي سان پڻ مختلف ادارن کي اختيار ڪرڻ گهرجي تقريب دوران شاگردن انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾ علمي، سماجي ۽ تعليمي اهميت وارن موضوعن تي تقريرون ڪيون۔ ان کان علاوه علامه اقبال، شاه عبداللطيف ڀٽائي ۽ استاد بخاري جي مشهور شاعري خوبصورت انداز ۾ پيش ڪئي وئي۔ پيش ڪيل مزاحيه شاعريءَ محفل کي وڌيڪ خوشگوار بڻائي ڇڏيو پرنسپال گڙهي ياسين ڪاليج، پروفيسر عبيدالله ڊايو تقريب ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سمورن پرفارمرز کي پنهنجي طرفان هڪ هزار رپيا انعام ڏنوياد رهي ته عَرَض محمد شيخ شڪارپور ۾ ٽي تعليمي ادارا قائم ڪيا هئا شاه لطيف پرائمري اسڪول، شاه لطيف هاءِ اسڪول ۽ شاه لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، انهن اهو ڪم اُن دور ۾ ڪيو، جڏهن شڪارپور جا سڀ تعليمي ادارا، صحت مرڪز ۽ تفريحي جايون هندو مخير ماڻهن طرفان قائم ڪيون پئي ويون يا ٿي چڪيون هيون شڪارپور دنيا جو اهو واحد شهر آهي جنهن جي هڪ به سر سرڪار نه لڳائي ھئي ؛ هتي جا سمورا ادارا شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺاهيا هئا