پنهنجا معاملا الله جي حوالي ڪرڻ ۾ ئي اطمينان آهي: غلام حيدر شاهه قلندر
عمرڪوٽ(ڊ ر) سماجي، صوفياڻي ۽ روحاني جماعت انجمنِ غلامانِ قلندر ويلفيئر سنڌ پاڪستان پاران ڳوٺ مڪان ميون الهرکيو شاهه، لڳ سانگي ڦراهو، تعلقو ٽنڊو باگو ۾ فضائلِ درود پاڪ ۽ اصلاحِ معاشرہ جي موضوع تي محفل هديه ڪثرت درود پاڪ جو روحاني پروگرام منعقد ڪيو ويو، جتي وڏي تعداد ۾ عاشقانِ رسول ﷺ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي روحاني جماعت جي سرواڻ سائين سيد غلام حيدر شاهه قلندري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجا معاملا الله جي حوالي ڪرڻ ۾ ئي اطمينان آهي، ڇو ته الله پنهنجي بندن جو ڏسندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. هن وڌيڪ چيو ته زمين ۾ رنگن ۽ مخلوق جي مختلف قسمن ۾ الله جون وڏيون نشانيون موجود آهن، جيڪي اهلِ عقل لاءِ هدايت بڻجن ٿيون.سائين وڌيڪ چيو ته خواهشن جي پٺيان هلڻ انسان کي الله جي رستي کان ڀٽڪائي ٿو،نفس تي ضابطو ايمان جي مضبوط علامت آهي. انسان جي زندگيءَ جو رخ صحبت کان ٺهندو آهي، نيڪن جي سنگت دلن کي صاف ڪري ٿي ۽ انسان کي سچائيءَ جي رستي ڏانهن راهه ڏيکاري ٿي، جڏهن ته 61 ڪروڙ درود پاڪ ،30 ختم القرآن جي اجتماعي دعا گهري وئي پروگرام دوران مشهور نعت خوان ڪامران ڪلهوڙو محبوب جي شان م نعتون پڙهي آيل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو،آخر م لنگر پڻ کارايو ويو.
0 تبصرے