27ھين آئيني ترميم جمھوريت، عدالت ۽ بنيادي انساني حقن جي قاتل آھي، اقتدار خاطر انصاف، عدالت، درياھ، وسيلا، زمين تين وال ڪيا پيا وڃن: اياز لطيف پليجو

وارهه ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ 27هين ترميم، سنڌ کي ورهائڻ واري سازش خلاف پيادل مارچ

27ھين آئيني ترميم جمھوريت، عدالت ۽ بنيادي انساني حقن جي قاتل آھي، اقتدار خاطر انصاف، عدالت، درياھ، وسيلا، زمين تين وال ڪيا پيا وڃن: اياز لطيف پليجو

وارهه (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ وارھ شھر ۾ 27 آئيني ترميم خلاف، سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت جي حفاظت لاءِ نامياري قانوندان، دانشور اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ نيو سٽي ھوٽل کان پيادل مارچ ڪيو، جيڪو شھر جي گشت ڪري ٽيڪسي اسٽاپ وٽ پھتو، جتي يوم لطيف ۽ قاضي غفار جي ورسي جو جلسه عام ڪيو ويو. وارھ پھچڻ تي شھرين، واپارين ۽ آبادگارن اياز لطيف پليجو کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار استقبال ڪيو. مارچ ۾ ھزارين ماڻهن 27 ھين آئيني ترميم نامنظور، عدالتن جو قتل ناننظور، جمھوريت جو قتل نامنظور، سنڌ ڪنهن جي سنڌين جي، درياھ خاطر جھيڙو آ، سنڌو خاطر جھيڙو آ، ڪئنال نامنظور جي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ جيترو سنڌ جي ماڻهن کي نشانو بڻائيندا، دٻاء ۾ رکڻ چاهيندا تہ اڃان سنڌ جي ماڻهن ۾ وڌيڪ نفرت ۽ ڪاوڙ جنم وٺندي.27ھين آئيني ترميم جمھوريت، عدالت ۽ بنيادي انساني حقن جي قاتل آھي. اقتدار خاطر انصاف، عدالت، درياھ، وسيلا، زمين تين وال ڪيا پيا وڃن. اياز لطيف پليجي سنڌ جي قومپرستن، اديبن، دانشورن، ساڃاھ وندن کي دعوت ڏيان ٿو تہ اچو ٽڪي جي انائن کي لت هڻي اچو تہ ھڪ للڪار ٿي سنڌ جي اجتمائي مفادن خاطر ھڪ ٿي مقابلو ڪريون.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي ٽن شين سان مفاد ۽ دلچسپي آهي، ھڪ جمھوريت کي نقصان نہ پھچي، ٻيو عدليه کي نقصان نہ پھچي ۽ ٽيون سنڌ کي نقصان نہ پھچي. سنڌ جي وحدت تي ڪو بہ وار ٿيندو ڪنهن بہ آر يا اٽڪل گورننس، لوڪل گورنمينٽ، شھري گورننس بھتر ڪرڻ، وسيلن جي ورڇ لاءِ ننڍڙا ننڍڙا سيڪٽر ٺاھڻ، ننڍڙا ننڍڙا يونٽ ٺاھڻ جيڪي اٽڪلون ڪندا آهيو اھي وڃي عام ماڻهن کي ٻڌايو آئون وڪيل آھيان، مون کي خبر آهي نوان يونٽ ٺاھي ورهائڻ يا سنڌ جا وسيلا کڻڻ يا اين ايف سي ذريعي سنڌ جو مالي حصو کڻڻ. سنڌ جو پاڻي، وسيلا، پيٽرول، گئس، ڪوئلو، ٻيٽن کي ڦٻائڻ جي ڪوشش يا سنڌ جي تعليم، صحت کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ٿيندي تہ سنڌ جا ماڻهو مزاحمت ڪندا.اڄ جيڪي ھزارين ماڻھو گڏ ٿيا آهن وارھ شهر ۾ اھو پيغام آهي تہ اسان آغاز ڪري ڇڏيو آهي پنهنجي تحريڪ جو. اسان پيغام کڻي نڪتا آهيون. پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران ڀلي وزارت اعظم لاءِ سودو ڪن پر سنڌ جو عوام سودو نہ ڪندو. سنڌ جو عوام سمجهي ٿو تہ وطن، قوم، وسيلا، وحدت اھا وڌيڪ اھم آھي. اقتدار واري جي مٺ آهي، اقتدار اڳوڻن ڪئين سو سالن کان ماڻهو وزيراعظم، وزير اعلي لاءِ آيا، اھي ڪٿي آھن؟ اقتدار واري جي مٺ مان وھي ويندو پر وطن ۽ وسيلا سڀ توهان وڪيا اھو ناقابل درستگي، بربادي ۽ تباھي جو پيغام آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊاڪٽر غفار قاضي سنڌ جو آواز ھو، سنڌ جو اھو يگانو انقلابي ھاري اڳواڻ ھو، جنھن سنڌو درياھ، وطن،ڌرتي ڌڻين ۽ ھارين جي حقن جي جدوجھد لاء پنھنجي صحت جي بہ پرواھ نہ ڪئي ڏينھن ھجي يا رات پارٽي حڪمن کي لبيڪ ڪيو۔ ھن ضيا جي آمريت ۾ خاموش ٿي لڪي ويھڻ بدران جدوجھد جو ميدان ملھايو۔ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي حقن ۽ جمھوريت لاء ثابت قدم رھيو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊاڪٽر غفار قاضي ڪالاباغ ڊيم، پاڻي تي ڌاڙن، مھاجر صوبي،دھشتگردي ڪاروڪاري، خوني قبيلائي رسمن خلاف شاندار ڪردار ادا ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ شاھ لطيف جا ھيروز مرد نہ عورتون ڪنڀارن، ڌوٻياڻي، ٿرياڻي، موھاڻي، جهانگياڻي اھي عورتون جن کي پاڻ ڪنڌ موڙھي بہ نہ ڏسون پر لطيف ان کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي. شاھہ لطيف عورت جي چپن ۽ ڳلن، قد ۽ ابرو جي بجاءِ بهادري ۽ سچائيءَ جي ساراھ ڪئي آهي شاھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي شاھ لطيف اشرافيه نہ پر عوام جو شاعر هو، شاھ لطيف جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي. سنڌ کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي، فڪر لطيف ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏي ٿو، اسان کي شاھ لطيف پيغام تي عمل ڪرڻو پوندو.اياز لطيف پليجي چيو شاھ لطيف دنيا جو نرالو ۽ عظيم شاعر آهي شاھہ لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي. لطيف ھڪڙو مفڪر، عاشق، فلاسفر، شاعر آهي دين دنيا جو، ھنن زمانن جو، ھن ڪائنات جو يونيڪ ماڻهو آهي. اھي ڳالھيون ڪري ٿو جيڪي ٻيا نٿا ڳالھيون ڪري سگهن، نٿا سوچي سگھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن. اسسٽنٽ ڪمشنرن کي اختيار ڏيڻ جو مطلب مارشل لا نافذ ڪري عوام کي خاموش ڪيو وڃي. ججز کي ڪنھن بہ وقت بدلي ڪرڻ جو مقصد انصاف جي رستا روڪ آھي. اظھار جي آزادي، عوام جي آواز کي بند ڪرڻ جا ڪارا قانون جوڙيا پيا وڃن. سنڌ جا وسيلا لٽي غربت، بيروزگاري، جھالت، انتھاپسندي ۽ ڪارا قانون مسلط ڪيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي ھميشه مظلوم قومن جي تباھي جا قانون ٺاھيا ۽ انھن کي تحفظ ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. واپاري ۽ وياج خور مافيا کي مضبوط ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي يرغمال ڪيو ويو آھي. جيڪو فصل ٿئي ٿو ان جو اگھ ڪيرايو وڃي ٿو. ڪارخانيدار، سرمائيدار جي کنڊ، اٽو ۽ شيون مهانگيون ڪيون وڃن ٿيون، آبادگارن جي ڪڻڪ، ساريون، ڪمند ۽ ٻيا فصل ٽڪي ۾ خريد ڪيا وڃن ٿا. اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمران ياد ڪن تہ اقتدار ڪجھ سالن لاءِ ھوندو آھي، اھو اچڻو ۽ وڃڻو آھي پر وطن، درياھ، ۽ ڌرتي سدائين لاءِ ھوندا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئون سنڌين کي آگاھ ٿو ڪيان تہ 27 آئيني ترميم ذريعي توهان جو وطن، سمنڊ، پئٽرول، گئس، ڪوئلو، جبل، درياھ، ٻيلا، ٻيٽ، ڪارونجهر، ڪينجهر، تاريخي ماڳ، وسيلا روزگار وڃن پيا. ھي ڪرپٽ حڪمران ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر، چيئرمين موجود توڙي اڳوڻا پيپلزپارٽي ۽ وفاق جا حڪمران، وزير اھي سڀ ھن ڏوھ ۾ شامل اٿو، جيستائين انهن جو بائيڪاٽ نہ ڪندو تيستائين سنڌ جي خوشحالي نہ ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ذات پرستي، ڌاڙيل ڪلچر، انتھاپسندي، قبلائيت سرداري ۽ جاگيرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آھن. حڪومت کي سنڌ جو ورھاڱو ڪرڻ ڪونہ ڏينداسين. سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي. اردو ڳالھائيندڙ اسان جا ڀائر آھن، نفرت جي سياست ڪندڙ ڀائيچاري، اتحاد ۽ رواداري جا دشمن آھن. لوڪل باڊيز کي وفاق حوالي ڪرڻ سان نئون ون يونٽ قائم ٿيندو، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ بي روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏيارينداسين. پاڪستان جو محب وطن عوام ملڪ ۽ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ڪونہ ڏيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ضلعن کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنج ھزار سال پراڻي تھذيب رکندڙ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي، سنڌ سنڌين جو وطن آھي. امن، محبت، رواداري اسان جي تھذيب جو حصو آھن. ملڪ کي ٽڪراءَ ۽ انتشار واريون پاليسيون تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ نٿيون ڏئي سگھن. سنڌ دشمن سازش جوڙيندڙ ٻڌي ڇڏين تہ سنڌ ھڪ آھي، ھڪ رھندي. سنڌ آھي تہ پاڪستان آھي. نواز ليگ ۽ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. ملڪ کي وڌيڪ بحران ۾ وجھڻ کان باز اچو. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئي ايم ايف جون معاشي پاليسيون غريب دشمن آھن. وزيرن جون پگھارون گھٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي. کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن. زراعت جي بحالي لاءِ آبادگارن کي بنا وياج جي پنج سالن لاءِ قرض ڏنو وڃي. ھنرمند نوجوانن کي روزگاري لاءِ قرض ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن ۾ ملوث بلدياتي چيئرمينن ۽ آفيسرن جا ڪميشن عيوض رڪارڊ سڌا ڪيا ويا آھن. ھيٺين سطح تائين انصاف ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ وارو خواب خواب ئي رھجي ويو. جيڪڏھن چيڪ اينڊ بيلنس ھجي ھا تہ اربين روپيا ڪرپشن جي نظر نہ ٿين ھا. ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمينن ۽ ملوث آفيسرن کي ھميشہ لاءِ نااھل ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بار بار اقتدار ۾ ايندڙ ڪرپٽ ايم پي ايز، ايم اين ايز، وزيرن، سينيٽرن ۽ چيئرمينن وٽ سنڌ جي خوشحالي جو ڪو بہ پروگرام ناھي، انھن وٽ ڪرپشن جون اسڪيمون آھن، جيڪو بہ ڪم ڪيو وڃي ٿو، اھو ڪرپشن لاءِ ڪيو وڃي ٿو، جنھنڪري روڊ رستا کنڊر بنيل آھن. سڄو فراڊ جو سسٽم ھلايو پيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ زراعت، صنعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي چڪا آهن. سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي، ان جي تباهي ملڪ سان دشمني آهي. ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ حڪومتي نظام ۽ روزگار جو سنگين بحران آهي. ڏوهارين جا مددگار سردار ۽ سردارن جي مددگار سنڌ حڪومت آهي. صوبائي حڪومت سنڌ کي کنڊرات بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جي حفاظت هر قيمت تي سنڌ جو عوام ڪندو، حڪمرانن لاءِ هاڻي عوام، روزگار، زراعت ۽ پاڻي اهميت نٿا رکن. سنڌ کي لينڊ مافياز ۽ قبضاگيرن جي حوالي ڪيو ويو آهي. سندھ جي هارين ۽ آبادگارن کي طاقت جي ذريعي دٻايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي حڪمراني سنڌ کي المين جي سرزمين ٺاھي ڇڏيو آھي. پ پ حڪومت جا وزير مرضي جا ايس ايس پي رکن ٿا، پسند جا تپيدار ۽ مختيارڪار رکن ٿا، ڊي سي بہ مرضي جا رکن ٿا، سمورن کاتن ۾ پنھنجو حڪم مڃيندڙ آفيسر مقرر ڪن ٿا، جيڪو آفيسر حڪم نٿو مڃي ان جي نوڪري داءُ تي آندي وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس کي خبر آھي تہ ڪيترو بہ ڪرائيم ٿئي، انھن جي نوڪري کي ڪو بہ لھر ئي لوڏو ناھي، جيستائين ايم پي اي، ايم اين اي ۽ وزير صاحب جي مرضي جا ڪم ٿيندا رھندا تيستائين زمين ۽ آسمان لڏي وڃن تڏھن بہ ڪجھ نہ ٿيندو.ايس ايس پي کان وٺي ايس ايچ او تائين ڪنھنجي ڪرسي کي لوڏو نہ ايندو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو تہ ڊاڪٽر غفار قاضي عظيم انقلابي ھاري اڳواڻ ۽ لطيف جو ڪردار ھو، جنھن ڏينھن رات پنھنجي ماڻھن لاء جدوجھد ڪئي تنظيم کي انقلابي اصولن تي ھلايو سنڌ دشمن منصوبن خلاف سدائين اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ کي خطرن کان بچائڻ لاء انقلابي ھاري اڳواڻ قاضي غفار وانگر بيدار ٿي رستن تي اچڻو پوندو۔قاضي غفار بيماري باوجود پنھنجي وطن، پارٽي ۽ عوام لاء جدوجھد ڪئي۔ مظھر راھوجو چيو تہ قمبر شهدادڪوٽ سميت اتر سنڌ جا ضلعا منشيات ۽ ڌاڙيلن جو اڏو بڻجي ويا آھڻ. پوليس منشيات ۽ ڏوھن کي ڪاروبار بنائي ڇڏيو آھي. بيگناھ ماڻھن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي. مظھر راھوجو چيو تہ بيڊ گورننس مسئلن جو بنياد آھي. عوام صحت، تعليم سميت بنيادي حقن کان محروم آھي. پوليس انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رھي آھي. منشيات ۽ ڏوھن جو راڄ قائم آھي قومي عوامي تحريڪ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي صدر اڪبر خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ ڪرپشن، منشيات ۽ ڏوھ وڏو مسئلو بنجي ويا آھن. ضلعي جو عوام غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي.عورتون، نياڻيون، اقليتون محفوظ ناھن. ميرٽ جي ختم ڪيو ويو آھي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ٿين ٿيون. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزاني شوڪت تنيو خطاب ڪندي چيو تہ لاڙڪاڻي، قمبر ۽ دادو ضلعن جي نوجوانن لاءِ روزگار جا رستا بند آهن. قمبر، شڪارپور، ڪشمور، لاڙڪاڻي ۾ عورتون ۽ ٻارڙا غير محفوظ آهن. اتر سنڌ کي سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. پيپلز پارٽي کي اقتدار خاطر سنڌ جا وسيلا، درياھ ۽ زمينون وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آھن پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ سنڌ جا ماڻھو جدوجھد جي ميدان تي اچن. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ اي ڪي بروهي خطاب ڪندي چيو تہ حقيقي ترقي پسند، جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن قوتن اڳيان ھميشہ رڪاوٽون وڌيون ويون آهن.انھن کي دٻائڻ لاء مھرا پاليا ويا آھن۔ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نہ ڏنو ويو آهي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ۽ عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ ۾ سدائين بحراني حالتون رهيون آهن. مھانگائي، بيروزگاري، لاقانونيت، ڪرپشن، وسيلن جي نيلامي، ميرٽ جو قتل وڏا مسئلا آھن. قومي عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر سڪندر لاشاري خطاب ڪندي چيو تہ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي۔ عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاء مصنوعي اشو پيدا ڪيا وڃن ٿا. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عنايت تنيو خطاب چيو تہ پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ معشوق مرکنڊ خطاب ڪندي چيو تہ جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ جي ماڻھن سان غداري ڪئي وئي آھي. اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي عوام کي فقير بنايو ويو آھي. ھاري، پورھيت ۽ غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني لاءِ پريشان آھن. ڪروڙين ماڻھو بنيادي انساني حقن ۽ سھولتن کان محروم آھن. اقتداري وڏيرا ۽ وزير عوام جي وسيلن کي لٽي رھيا آھن ۽ قابض آھن.