English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سامارو ۽ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، 4 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
78 views
|
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گهرن ۾ ڌاڙا هڻندڙ ٽولي جي ٽن جوابدارن کي هڪ سهولتڪار سميت گرفتار ڪري ورتو: پوليس
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ايس ايس پي عزير احمد ميمڻ جي خاص هدايتن تي سي آءِ اي پوليس عمرڪوٽ ۽ سامارو پوليس گڏيل ڪارروايون ڪندي مختلف علائقن ۾ لڳل ڌاڙن ۾ ملوث خطرناڪ گروھ جي ٽن جوابدارن سميت هڪ سهولتڪار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ڪجهه ڏينهن اڳ سامارو ٿاڻي جي حد مان ميوارم مالهي، بودرفارم ٿاڻي جي حد مان عمر چيما ۽ ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد مان پرڀو ميگهواڙ جي گهرن تي لڳل ڌاڙن ۾ ملوث جوابدار راشد پٽ نورنگ بنگلاڻي، رجب پٽ ميان بخش بنگلاڻي، محمد رحيم عرف پپو بنگلاڻي ۽ سندن سهولتڪار ڌارشي پٽ ڏيوسي ڪولهي کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن وٽان وڏي مقدار ۾ ڌاڙن دوران کنيل سامان هٿ آيو آهي، جن ۾ 50 هزار روپيا ڪيش، هڪ ڪلو چاندي جا زيورا، پسٽل، 50 هزار روپيا ڪيش ۽ عمر چيما جي گهران کنيل موبائيل فون شامل آهن، ساڳئي وقت سامارو وارن ڌاڙن دوران کنيل سونا زيورا، هٿيار ۽ روڪ رقم پڻ رڪور ڪيا ويا آهن، پوليس موجب جوابدار ڌارشي ڪولهي گروھ کي سهولت فراهم ڪندو رهيو، جيڪو اڳ به ٽرانسفارمر چوري جي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي، سندس قبضي مان ٽرانسفارمر چوري واريون ڪوئلون پڻ هٿ ڪيون ويون، سي آءِ اي ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم جي مدد سان جوابدارن کي جيو فنسنگ ذريعي ٽريس ڪري گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ساڳيو گروھ مختلف گهرن ۾ لڳل ڪيترن ئي ڌاڙن ۾ ملوث آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ اهم ڏوھ سامهون اچڻ جا امڪان آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Dec 2025
•
تازہ ترین
کراچی :گلشن اقبال عابد ٹاؤن کے علاقے میں گھر سے تین خواتین کی لاشیں برآمد
07th Dec 2025
•
تازہ ترین
ڈونلڈ ٹرمپ کو فیفا امن ایوارڈ سے نوازا گیا
07th Dec 2025
•
تازہ ترین
ہاسٹل پر حملہ، اساتذہ اور طلبہ سمیت 12 افراد جاں بحق، متعدد زخمی
07th Dec 2025
•
تازہ ترین
"خان نہ تو کچھ نہیں" والی سوچ پر لعنت بھیجتے ہیں: عطا اللہ تارڑ
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
باقراڻي: ڪچي ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: ڳوٺ کاهي ممن ۾ اکين جي مفت ڪيمپ قائم, 920 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن خلاف احتجاج
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس پاران ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے