ايم پي اي سيد امير علي شاهه جو عائشه مارڪيٽ ۾ چوري جي واردات جو جائزو جلد رڪوري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ حڪم

ايم پي اي سيد امير علي شاهه جو عائشه مارڪيٽ ۾ چوري جي واردات جو جائزو جلد رڪوري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ حڪم

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي ايم پي اي سيد امير علي شاهه عائشہ مارڪيٽ ۽ مالهي پاڙي ۾ سونارن جي ٻن دڪانن تي ٿيل وڏي پيماني جي چوري واري واقعي واري هنڌ پهچي تفصيلي جائزو ورتو، ايم پي اي چوري سبب متاثر دڪاندارن سان ملاقات ڪري کين مڪمل ساٿ ۽ تعاون جو يقين ڏياريو، واقعي جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي جيو فِينسنگ ٽيم کي فوري طور طلب ڪيو ويو، جڏهن⁠ تہ لوڪيٽر سسٽم ذريعي شڪي نمبرز ۽ لنڪس جي ٽريسنگ لاءِ به احڪامات جاري ڪيا ويا، سيد امير علي شاهه پوليس کي سختي سان هدايت ڪئي ته چوري ٿيل سامان جي جلد کان جلد رڪوري ڪئي وڃي، ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ايم پي اي چيو ته هو گهرو وزير ضياالحسين لنجار، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سنڌ ۽ ايس پي عمرڪوٽ سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ انشاالله جلد ئي رڪوري ۽ جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻايو ويندو، هن واضح چيو ته شهرين جي تحفظ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، دوري دوران پ پ پ جي ضلعي ۽ سٽي قيادت به ساڻس گڏ هئي، جن ۾ سينئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر، انفارميشن سيڪريٽري ضلع عمرڪوٽ گهنشام داس، سٽي صدر عبدالله کوسو، بنسي مالهي، مدن سومون مل مالهي، جھامن داس سونارو ۽ فيصل ناگوري شامل هئا.