سترهين ڏينهن جي شروعات هانگ ڪانگ جي نامياري رقاصا انيشا ٿائي جي رقص سان ڪئي وئي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي ميزباني هيٺ جاري 39 ڏينهن واري عالمي ثقافتي ميلو 2025 جي سترهين ڏينهن جي شروعات هانگ ڪانگ جي نامياري رقاصا انيشا ٿائي جي رقص سان ڪئي وئي. ان موقعي تي وڏِي تعداد ۾ شاگردن شرڪت ڪري جسماني حرڪتن ۽ رقص جا نوان انداز سکيا. تقريب دوران انيشا ٿائي چيو ته رقص همت، جذبي ۽ احساس جو نالو آهي، جڏهن ٻه ماڻھو هڪ ٻئي سان هم آهنگ ٿي رقص ڪن ٿا ته حسن ۽ خوبصورتي جنم وٺي ٿي. ميلي ۾ وچ اوڀر جي مختصر فلمن جي ڏيکاري پڻ ڪئي وئي، جنهن ۾ ايران، ترڪي، سوڊان، بحرين ۽ مصر جي پنج فلمن کي شامل ڪيو ويو. ايران جي فلم ”سر کائيندڙ“ ۾ هڪ اڻڄاتل شخص کي هڪ عجيب گروهه سان گڏ مانيءَ تي گهرايو وڃي ٿو جتي صورتحال ڊپ ۽ حيرت سان ڀرجي وڃي ٿي. ترڪي جي فلم خول ۾ نوجوان ليلا جي دردناڪ ڪهاڻي ڏيکاري وئي، جيڪا ظلمن سبب اڪيلائي اختيار ڪري ٿي. سوڊان جي فلم رات جي دعا ۾ هڪ خاندان جي گڏيل مانيءَ دوران زندگي جون حقيقتون پيش ڪيون ويون. بحرين جي طنزيه فلم ۾ هڪ نوجوان جي ڪوشش ڏيکاري وئي جيڪو پنهنجي گهر ڏانهن تنگ ڏاڪڻ ۾ پنهنجي گهوڙي سميت چڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مصر جي فلم ڏينهن جي پڄاڻي تي هڪ عمر رسيده ليکڪ جي يادگيرين ۽ حالتن کي نمايان ڪيو ويو.ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جي موقعي تي ناروي جي سڪي پروڊڪشن طرفان ناٽڪ پڻ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ عالمي فنڪارن سماجي دٻاءَ، غلط استعمال ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي درد کي نهايت اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙن فنڪارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. رات جي وقت نائيٽ رقص 2.0 سان ٿيو، جنهن ۾ هانگ ڪانگ، فلپائن ۽ پاڪستان جي فنڪارن شاندار رقص پيش ڪري ڏسندڙن کان خوب داد حاصل ڪيو. هانگ ڪانگ جي رقاصا انيشا ٿائي پنهنجي شاگردن سان گڏ زبردست پرفارمنس ڏئي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. فلپائن جي لوڪ رقص پڻ شرڪت ڪندڙن کي موهي ڇڏيو.
0 تبصرے