جنگشاھي ۾ سروي زمينن مان غيرقانوني مٽي کڻڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڳوٺ درياهه خان ڀنڍ خليفو جي سروي زمينن تي ڳوٺ جي بلڪل ويجهو مٽي کڻڻ جو سلسلو جاري آهي: ڳوٺاڻا

جنگشاھي ۾ سروي زمينن مان غيرقانوني مٽي کڻڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٺٽو (ڊ ر) جنگشاھي سروي زمينن مان غيرقانوني مٽي کڻڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج,جنگشاھي ڪوھستان ست ڀاڱي چار، درگاھ جنگشاھي بابا رحه جي ڀرسان ڳوٺ درياهه خان ڀنڍ خليفو جي سروي زمينن تي ڳوٺ جي بلڪل ويجهو وڏي پيماني تي مٽي کڻڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن خلاف علائقي واسين ڀرپور احتجاج ڪيو ۽ “مٽي کڻڻ بند ڪريو” جا نعرا هنيا.ڳوٺاڻن غلام قادر خليفو، خيرمحمد خليفو، محمد اصغر خليفو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جي بلڪل ويجهو مٽي کڻي ڳوٺ جي سڃاڻپ ۽ زمينن کي نقصان پهچايو پيو وڃي، جڏهن ته سيمنٽ فيڪٽري جي ليز پڻ ختم ٿي چڪي آهي، تنهن هوندي به غيرقانوني طريقي سان سيمنٽ فيڪٽري ۽ ڪراچي جي مختلف فيڪٽرين لاءِ مٽي کڻڻ جاري آهي۔احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان ايم پي اي ٺٽو، ايم اين اي ٺٽو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کان مطالبو ٿا ڪريون ته سروي زمينن تان مٽي کڻڻ فوري طور بند ڪرائي وڃي، ڪوھستان جنگشاھي مان غير قانوني ڌڪا روڪيا وڃن ۽ زمينن جا جعلي کاتا رد ڪيا وڃن ته جيئن اسان غريبن سان انصاف ٿي سگهي۔هنن چيو ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو