محمد عثمان جي وڏي پُٽ اُستاد نور محمد ڪُنڀر کي پڳ ٻڌرائي وئي
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)ڪنڀر برادري جي معزز شخصيت محمد عثمان ڪُنڀر (جوکيو) جو ٽيجهو ٿي گذريو ان موقعي تي سندس وڏي پُٽ اُستاد نور محمد ڪُنڀر کي پڳ ٻڌرائي وئي پڳ ٻڌرائڻ واري رسم ۾ آل سنڌ ڪُنڀار جي اڳواڻ پ پ جي سينيئر نائب صدر حاجي برهان الدين ڪُنڀر، رئيس الهبچايو الهداد کوسو، رئيس محمد بخش کوسو، رئيس مير محمد کوسو، پروفيسر حمزو جوکيو، ڪامريڊ چيتن ولد ڪيول بجير، کيمچند بجير، مولوي نظير حسين، نور محمد گجو، فيروز خاصخيلي، حاجي نظير وهرو، محمد اقبال موسي' ڪُنڀر، حاجي غلام مصطفي' ڪُنڀر، مُشتاق ڪُنڀر، اشرف ڪُنڀر ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏھن ته ٽيجھي جي موقعي تي مرحوم جي ايثال ثواب لاء دُعا پڻ گهري وئي
0 تبصرے