جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس منصور علي شاهه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا: وڪيل اڳواڻ ارشاد شر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملیر ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف احتجاج جو سلسلو عدالتن تائين پهچي ويو جتي وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندي سخت احتجاج ڪيو ملیر بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر ۽ جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سيشن ڪورٽ ملیر ۽ سڀني ماتحت عدالتن ۾ ڪارروائين معطل رهي. عدالتي بائيڪاٽ سبب ڪاروهنوار سخت متاثر ٿيو ڪيترائي ڪيس ملتوي ٿي ويا جڏهن تہ ڏوراهن علائقن کان آيل سائلن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.ان موقعي تي صدر ملیر بار ارشاد شر جو چوڻ هو ته اسان جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس منصور علي شاهه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو جو چوڻ ته 27هين آئيني ترميم عدليه جي آزادي تي سڌو حملو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.وڪيلن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ترميم واپس نه ورتي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو۔
0 تبصرے