علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي شاه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ ڪوهي ڳوٺ اڪمل پاڙي پٺيان هڪ نوجوان جو مبينا قتل ٿيل لاش هٿ آيو جنهن جي سڃاڻپ يامين ولد پيارو پهنور طور ٿي آهي. اطلاع ملڻ تي شاه لطيف پوليس ۽ ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون پوليس موجب لاش تي تشدد جا نشان موجود آهن، جڏهن ته قتل جا سبب ۽ واقعي جو وقت اڃا تائين واضع نه ٿي سگهيا آهن. پوليس طرفان پاڙي جي رهواسين کان بيان ورتا ويا آهن ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج، موبائل ڊيٽا سميت ٻين ثبوتن جو جائزو ورتو پيو وڃي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس دعوا ڪئيباهي ته جاچ هر رخ کان جاري آهي ۽ جلد جوابدارن تائين پهچڻ پهچندا سين
0 تبصرے