جتوئي ڀائر نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پيش، مورو ۽ اميناڻي ٿاڻن تي داخل ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي 2 نومبر تائين ملتوي
نوشھروفيروز(ڊ ر) اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي ۽ مسرورو جتوئي مورو جي ٻن ڪيسن ۽ اميناڻي ٿاڻي جي ھڪ ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ نوشھرو فيروز ۾ رکيل ھئي پر جج نه ھئڻ ڪري سيشن ڪورٽ نوشھرو فيروز ۾ ٻڌڻي ٿي ٻنھي ڌرين جا وڪيل به پيش ٿيا ٻڌڻي 2نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي سيشن ڪورٽ کان ٻاھر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 27 ترميم کان پوء ملڪ جو واھي الله اڳ ۾ به صدر ۽ وزير اعظم کي ڇوٽ ھئي مگر ھن صدر صاحب تي ڪيس گھڻا ھئا يا اڳتي ڪجھ ڪرڻ چاحي ٿو تڪڙ۾ صحيح به ڪري ڇڏيائين صحافين کيس سوال ڪيو سپريم ڪورٽ جي ججن اطھر من الله جسٽس منصورجلد استعيفي ڇو ڏني جواب ۾ چيو ته ججن ڏٺو ته اسان جي حيثيت ختم ٿي وئي آ ان لاء اسعيفي ڏني مان جج صاحبان کي سلام پيش ٿو ڪريا جھموريت ملڪ ،مان ختم ٿي وئي وڪيلن ۽ قومپرستن احتجاج جي ڪال ڏني آء جي ڊي اي جو ڇا موقف آ ھن چيو ته جي ڊي جي ڪا ميٽنگ نه ٿي آ باقي جيئن ميٽنگ ٿي ته پوء اسان گڏ ھوندا سين 27ترميم کان پوء ماڻھن جو عدالتن تان به ويساه گھٽجي ويو امن امان جي صورتحال تي ڳالھائيندي چيو ته ٻين ضلعن کان پوء به اسان جي ضلعي ۾ ڪجھ ٺاپر آھي ملڪ جي صورتحال تمام خراب آھي بس الله خير ڪري اسان پنھنجي جدوجھد جاري رکنداسين اسان پنھنجي موقف تي قائم آھيون ۔باقي رھيا ڪيس ڪوڙا آھن ڪورٽن ۾ يقين آھي ته انصاف ملندو ۔
0 تبصرے