سامارو پوليس پاران گهرن مان ڌاڙا هڻندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سي آءِ اي پوليس سان گڏ ڪارروائي دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو: سامارو پوليس

سامارو پوليس پاران گهرن مان ڌاڙا هڻندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ايس ايس پي عمرڪوٽ جي هدايتن تي پوليس جو ڪاروايون تيز گهرن مان ڌاڙا هڻندڙ گروه جا ٽي جوابدار گرفتار جوابدارن پاران گهرن مان ڌاڙن هڻڻ بابت اهم انڪشاف ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير احمد ميمڻ جي هدايتن تي سي آءۡ اي ۽ سامارو پوليس گڏيل ڪاروايون ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ سامارو ٿاڻي جي حد مان ميوارم مالهي بودرفارم ٿاڻي جي حد مان عمر چيما ۽ ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد مان پرڀو ميگهواڙ جي گهران لڳل ڌاڙي جا ٽي جوابدار راشد پٽ نورنگ بنگلاڻي, رجب پٽ ميان بخش بنگلاڻي, محمد رحيم عرف پپو بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ورتو ساڳئي جوابدارن پاران مختلف هنڌن تان گهرن مان ڌاڙو هڻڻ ۽ چوريون ڪرڻ بابت اهم انڪشاف گرفتار ٿيل ٽي جوابدار مختلف هنڌن تان گهرن مان ڌاڙا هڻڻ جي واردتن ۾ ملوث آهن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ڪجهه ڏينهن سامارو ٿاڻي جي حد مان ميوارم مالهي جي گهران لڳل ڌاڙو ۽ بودرفارم ٿاڻي جي حد مان زميندار عمر چيما ۽ ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد مان پرڀو ميگهواڙ جي گهران ڌاڙي سميت مختلف گهرن مان لڳل ڌاڙن جي واردتن ۾ ملوث آهن جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي,