گلشن حديد ۾ ناجائز قبضن خلاف ملير انتظاميا جو آپريشن

دڪان هوٽلون ۽ اڏاوتون ڊاهي سرڪاري زمين خالي ڪرائي ڇڏي: انتظاميه

گلشن حديد ۾ ناجائز قبضن خلاف ملير انتظاميا جو آپريشن

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڊپٽي ڪمشنر ملير جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم خالد معروف ۽ مختيارڪار بن قاسم طفيل پتافي جي نگراني هيٺ گلشن حديد ۾ ناجائز قبضن ۽ حدخلين خلاف آپريشن ڪيو انتظاميا جي ٽيم ڪي ڊي اي لائين تي قائم غيرقانوني اڏواتن ۽ قبضن کي ڳري مشينري جي مدد سان ڊاهي پٽ ڪري سرڪاري زمين خالي ڪرائي ورتي۔ آپريشن دوران پوليس جي نفري به وڏي انگ ۾ موجود رهي ته جيئن ڪنهن به مزاحمت جي صورت ۾ فوري قدم کنيا وڃن اسسٽنٽ ڪمشنر خالد معروف موجب، گلشن حديد فیز ٽو ۾ سرڪاري زمين تي غيرقانوني قبضا ڪيل هئا جن خلاف ڪاروائي ڪندي قيمتي زمين واپس حاصل ڪئي وئي۔ هن چيو ته ڪي ڊي اي لائين تي غيرقانوني دڪان، چبوترا ۽ اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن ان سان گڏ، نيشنل هاءِ وي تي به تجاوزات خلاف ڪارروائي ڪندي هوٽل ۽ پتھارا هٽائي رستو صاف ڪيو ويو ته جيئن ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻجي سگهي۔اسسٽنٽ ڪمشنر خالد معروف جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا ملير جي واضع هدايت آهي ته ڪنهن کي به سرڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ يا غيرقانوني اڏاوت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔ ناجائز تجاوزات خلاف آپريشن جاري رهندو ۽ هر قبضي کي ختم ڪيو ويندو۔مختيارڪار طفيل پتافي چيو ته تجاوزات خلاف مهم بنا فرق جاري رهندي، ته جيئن سرڪاري جڳهيون ۽ عوامي رستا عوام جي استعمال لاءِ صاف ۽ محفوظ رهڻ علائقي واسين انتظاميا جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته قبضا ختم ٿيڻ سان علائقي جي خوبصورتي ۽ ٽريفڪ نظام ۾ بهتري ايندي۔